ڪراچي (شوبز نيوز) عامر لياقت جي اڳوڻي ۽ پهرين زال سيده بشرا اقبال دعويٰ ڪئي آهي ته ٽي وي ميزبان پنهنجي ٽئين زال دانيه ملڪ کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي. سيده بشرا اقبال پنهنجي اڳوڻي مڙس جي ٽئين زال دانيه ملڪ خلاف فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) سائبر ڪرائم ۾ شڪايت داخل ڪرڻ کانپوءِ يوٽيوبرز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي دعويٰ ڪئي ته عامر لياقت پنهنجي آخري زال کي به طلاق ڏئي چڪو هو. بشرا اقبال چيو ته شروع ۾ عامر لياقت دانيه ملڪ سان ٺاهه جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ پنهنجي زندگي ۾ ئي وڪيل کي طلاق جي ڪاغذن تي رضامندي وارو خط لکي ڏنو. هن چيو ته جڏهن عامر لياقت لاڏاڻو ڪري ويو ته سندس وڪيل دانيه ملڪ وٽ طلاق لاءِ رضامندي وارو خط کڻي آيو هو پر هن عدالت ۾ نڪاح ختم ڪرڻ جي درخواست واپس وٺي ڇڏي هئي. هن چيو ته دانيه ملڪ طرفان نڪاح جي خاتمي جي درخواست واپس وٺڻ سبب عامر لياقت جي طلاق کي قانون جي نظر ۾ نٿو مڃي سگهجي، پر شرعي حوالي سان طلاق ٿي وئي آهي. بشرا اقبال الزام هنيو ته دانيه ملڪ ۽ عامر لياقت جي شادي هڪ ڊيل هئي، هن عورت پنهنجي اڳوڻي مڙس کي ڪجهه مهينن ۾ ماڻهن کان پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو.