عامر لياقت خلاف سمورا ثبوت موجود آهن، جلد سامهون آڻيندس: دانيه شاهه

0
417
عامر لياقت خلاف سمورا

ڪراچي:  قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي ٽئين گهرواري دانيه شاهه پنهنجي مڙس خلاف ثبوت پيش ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آھي، خلع جي اعلان کانپوءِ خانگي ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر لياقت تي الزام لڳايو ۽ چيو ته عامر لياقت منشيات جو عادی هو ۽ نوڪرن جي سامهون عزت نه ڪندو هو

عامر لياقت پاران مٿس لڳايل الزامن تي دانيه شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن مان غلط عورت هئس ته پوءِ هن مون سان شادي ڇو ڪئي، عامر لياقت جي گهرواري جو چوڻ هو ته خلع جي درخواست ڏيڻ کانپوءِ عامر لياقت اسان کي گهڻيون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ھڪ ڇوڪري کي شهرت کان وڌيڪ عزت جي ضرورت آهي

انٽرويو ۾ دانيا واضح ڪيو ته منهنجو ميڊيا ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي پر مان عامر لياقت سان ٺاھ ڪرڻ نٿي چاهيان ڇو ته جيڪو شخص منهنجي زندگي تباهه ڪري رهيو آهي، مان ان سان صلح ڇو ڪريان؟، منھنجي خواھش آھي تھ عامر لياقت کان الڳ ڪيو  وڃي ۽ ھاڻ مان ان شخص سان رھڻ نٿي چاھيان

ھي به پڙھندا

عامر لياقت نشو ڪري تشدد ڪندو هو، ڪمري ۾ بند ڪري رکندو هو : دانيا شاهه