ڪراچي (شوبز نيوز) مرحوم ايم اين اي عامر لياقت جي اڳوڻي زال بشريٰ اقبال انڪشاف ڪيو آهي ته عامر جي وصيت تي سندس پوسٽ مارٽم روڪرايو ويو. دانيا بي بي جي گرفتاري بابت ڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي بشريٰ اقبال چيو ته دانيا جي ماءُ جي ڳالهين تي کِل ايندي آهي، مون تي پوسٽ مارٽم روڪرائڻ جا الزام هنيا ويا، عامر لياقت جي ملڪيت تي ڪو تڪرار هو ئي ڪونه، عامر لياقت جو گهر اڄ تائين سيل آهي، سندس ملڪيت جي تڪرار ۾ اسان اڄ تائين ناهيون پيا، پنهنجي ذاتي خرچ تي ڪيس وڙهي رهي آهيان. هن چيو عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ان ڪري روڪرايو ڇو ته هن وصيت ڪئي هئي، هن پنهنجي دوست ثاقب کي وصيت ڪئي هئي ته ڪڏهن به مون کي ڪجهه ٿي وڃي ته پوسٽ مارٽم نه ڪرائجو، لاڏاڻي کانپوءِ جڏهن عامر جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڪو نشان يا انجري جون شاهديون نه مليون ته سندس ٻارن پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.