عامر لياقت جي سوشل ميڊيا تي آخري پوسٽ ڪهڙي هئي؟

0
705
ڊاڪٽر عامر لياقت جي قبر

قومي اسيمبلي جو ميمبر عامر لياقت ڪراچي ۾ 49 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي

عامر لياقت سوشل ميڊيا تي ڪافي فعال هو ۽ اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هو پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو اظهار اڪثر ڪري سوشل ميڊيا تي ئي ڪندو هو

عامر لياقت موت کان چار ڏينهن اڳ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي، جيڪا مختلف موقعن تي ورتل تصويرن کي گڏائي ٺاهي وئي هئي

وڊيو جي بيگ گرائونڊ طور هڪ عامر لياقت جو آواز آهي، جنهن ۾ عامر لياقت ڪجهه هن ريت چئي رهيو آهي

لوگ ہر موڑ پر رُک رُک کر سنبھلتے کیوں ہیں؟

اتنا ڈرتے ہیں تو پھر گھر سے نکلتے کیوں ہیں؟

نیند سے میرا تعلق ہی نہیں برسوں سے

خواب  آکر میری چھت پہ ٹہلتے کیوں ہیں؟

میں نہ جگنو ہوں، دیا ہوں، نہ کوئی تارا ہوں

روشنی والے میرے نام سے جلتے کیوں ہیں؟

عامر لياقت جي اِها آخري وڊيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري رهيو آهي