ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ  جي قتل ٿيل  ايم اين اي ڊاڪٽر عامر لياقت جي ٽئين بيواهه دانيا شاهه جي ضمانت واري درخواست رد، دانيا شاهه جوڊيشل مئجسٽريٽ جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اوڀر جي عدالت ۾ ڊاڪٽر عامر لياقت جي غير اخلاقي وڊيو ليڪ ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار دانيا شاهه جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي دانيا شاهه جي درخواست رد ڪري ڇڏي، انهي کان اڳ جوڊيشل مئجسٽريٽ اولھه به جوابدار دانيا شاھ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، ٻئي طرف دانيا شاهه جي وڪيل ايڊووڪيٽ لياقت گبول چيو آهي ته اسان جوڊيشل مئجسٽريٽ جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، ايف آءِ اي پاران اڄ تائين ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته دانيا شاهه عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آھي.