ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار عامر خان جي نئين فلم ” لال سنگهه چڊا “ يارنهن آگسٽ تي ريليز ٿي رهي آهي جيڪا هڪ هالي ووڊ فلم ” فارسٽ گمپ “ جي ڪهاڻي تي  ٻڌل آهي. پرڀارت ۾ ٽوئيٽر تي فلم جي ريليز کان اڳ ئي بائيڪاٽ جي مهم هلائي پئي وڃي. ٽوئيٽر تي بائيڪاٽ لال سنگهه چڊا جي هيش ٽيگ سان هنيئر تائين هزارين ماڻهو ٽوئيٽ ڪري چڪا آهن ۽ عامر خان ۽ ڪرينا ڪپور تي تنقيد پڻ ڪئي پئي وڃي. بائيڪاٽ جو ڪارڻ ماضي ۾ عامر خان جو هڪ بيان آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته ڀارت هاڻ محفوظ ناهي رهيو. ان ڏس ۾ عامر خان جو چوڻ آهي ته سندس فلم جو بائيڪاٽ نه ڪيو وڃي. هڪ پروگرام دوران عامر خان چيو ته مونکي سٺو نه پيو لڳي، ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن مان ڀارت کي پسند ناهيان ڪندو، پر اها ڳالهه صحيح ناهي، مهرباني ڪري فلم جو بائيڪاٽ نه ڪريو پر اِها ڏسو. فلم لال سنگهه چڊا ۾ عامر خان ۽ ڪرينا ڪپور سان گڏ نيگا چيتنيه ۽ مونا سنگهه اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.