عالمي فنڊ،پاڪستان جي وڏي ڪاميابي ۽ اميد

0
199
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

پاڪستان سفارتي سطح تي وڏي ڪاميابي ماڻي آهي جنهن سان اها اميد پيدا ٿي آهي ته اڳتي قدرتي آفتن دوران يا مصيبتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڪيلو نه هوندو يا انفرادي طور کيس اپيل ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي جنهن سان متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ کيس ڏکيائي پيش اچي. اڳتي سڄي دنيا اهڙن ملڪن جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳواٽ ئي تيار هوندي جيڪي ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين سبب آفتن کي منهن ڏين ٿا ۽ انهن موسمياتي تبديلين ۾ سندن ڪردار نه هئڻ برابر هوندو آهي ۽ سڄو نقصان پاڪستان جهڙا ملڪ کڻندا آهن.ترقي يافته ملڪن جي صنعتي ۽ ترقي جي ڊوڙ ماحول کي ڏينهون ڏينهن گدلو ڪري رهي آهي جنهن جا اثر وري انهن ملڪن تي ظاهر ٿين ٿا جن جو انهي صنعتي  ترقي توڙي جنگي هٿيارن ۾ حصو نه هئڻ بربر آهي.اهي ملڪ ڪڏهن سوڪهڙي جو شڪار ٿين ٿا ته ڪڏهن تيز برساتن سبب ٻوڏن کي منهن ڏين ٿا جنهن جو تازو مثال پاڪستان آهي جنهن ۾ ايتريون ته برساتون پيون جو سڄي انتظاميا ۽ سرڪار به بي وس نظر آئي ڇاڪاڻ ته اهي نه رڳو معمول کان وڌيڪ برساتون هيون پر اهي انهي موسمياتي تبديلي جو نتيجو هيون جيڪي ترقي يافته ملڪن جي صنعتي ترقي، هٿيارن جي ڊوڙ جي ڪري پيدا ٿي رهي آهي.

پاڪستان انهن برساتي ٻوڏن کان پوءِ اهي ڪوششون ڪري رهيو هو ته موسمياتي تبديلين سبب متاثر ملڪن جي مدد لاءِ هڪ اهڙو عالمي فنڊ قائم ڪيو وڃي جنهن وسيلي انهن متاثر ملڪن جي ٻيهر بحالي لاءِ مدد ڪري سگهجي. هونئن ته عالمي دنيا انهن ملڪن جي مدد لاءِ اڳيان ايندي رهندي آهي پر انهن تائين پهچ لاءِ انهي ملڪ کي جيڪو اڳ ئي معاشي طور تباهه ٿي چڪو هوندو آهي پنهنجي ڪمزور معيشت مان پئسا ڪڍي مهم هلائڻي پوندي آهي پر عالمي فنڊ قائم ڪرڻ سان اهي ملڪ انهي خفي ۽ خرچ کان بچي پوندا ۽ وڌ ۾ وڌ پنهنجي ملڪ جي ٻيهر تعمير ۽ بحالي ۾ بنا دير ۽ انهي اميد سان شروع ٿي ويندا ته پٺيان انهن جي مدد لاءِ هڪ ادارو قائم آهي جيڪو سندن ڏکين ڏينهن ۾ گڏوگڏ هوندو. مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ٻن هفتن جو گڏيل قومن تحت ڪوپ 27 موسمياتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي، پاڪستان سميت غريب ۽ اسرندڙ ملڪ موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهين جو امير ملڪن کان ازالي جو مطالبو وڏي عرصي کان ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ٻن هفتن تائين هلندڙ ڪوپ 27 اجلاس ۾ به پاڪستان سميت ترقي پذير ملڪن مالدار ۽ گدلاڻ پکيڙيندڙ ملڪن کان مطالبو ڪيو ته موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪيو و ڃي، ٻن هفتن جي غور ويچار ۽ بحث کانپوءِ امير ملڪن اهو مطالبو منظور ڪري ورتو آهي، اجلاس دوران موسمياتي آفتن جي متاثر ملڪن لاءِ عالمي فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف ماحولياتي تبديلين جي متاثر ملڪن لاءِ عالمي فنڊ قائم ٿيڻ کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو آھي.فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي ته هاڻ پاڪستان فنڊ فعال ٿيڻ جو منتظر آهي.پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن جو اهو مطالبو مڃڻ وڏي ڪاميابي آهي جنهن سان مڪمل نه سهي پر ڪنهن حد تائين انهن ملڪن جي نقصان جو ازالو ممڪن ٿي سگهندو ۽ متاثر ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا.

اسان سمجهون ٿا ته جنهن انداز ۾ عالمي دنيا انهن ملڪن جي مسئلي کي سمجهي انهي لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي تيئن وري انهن ملڪن جي حڪومتن ۽ حڪمرانن تي اها ذميواري ٿي لاڳو ٿئي ته اهي به حقيقي متاثرن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪن، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ وڏي ۾ وڏي شڪايت ئي اها آهي ته اهي فنڊ ملندا ته رهن ٿا پر اهي حقيقي متاثرن يا انهن ڪمن تي خرچ نه ٿا ٿين جن لاءِ اهي فنڊ رکيا وڃن ٿا.عالمي دنيا کان پنهنجو مطالبو مڃرائڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ خاص ڪري  پرڏيهي وزارت جي ڪوششن کي ساراهڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ اها اميد به ڪجي ته اهي موسمياتي تبديلين سبب متاثر ماڻهن جي به انهي جذبي سان بحالي جون ڪوششون ڪندا جنهن اميد سان عالمي دنيا اها فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.