عالمي تنظيمن طرفان سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري

0
286

ڪراچي: يو ايس ايڊ آءِ او ايم ۽ يونيسيف جي مالي مدد سان ٻوڏ سٽيل سنڌ ۽ بلوچستان جي 9 ضلعن ۾ امدادي سامان جي ورڇ جو ڪم جاري آهي

هيل تائين 50 هزار کان وڌيڪ خاندانن کي ايمرجنسي شيلٽر، رڌ پچاءُ جو سامان ۽ ٻين بُنيادي شين جو سامان ورهايو ويو آهي

جيڪب آباد، سکر، دادو، لاڙڪاڻو، ڪشمور، سکر ۽ ڪنڌڪوٽ سوڌو بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ امدادي سامان جي ورڇ ٿي آهي

 عالمي تنظيمن جي نمائندن جو چوڻ آهي ته عالمي ترقي بابت امريڪي ايجنسي ٻوڏ متاثرن لاءِ ڏنل امدادي سامان ورهائڻ جو ڪم ڏينهن رات جاري آهي، ٻوڏ دوران 17 لک گهر متاثر ٿيا، جِن مان 5 لک 66 هزار گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻو ٽينٽ سٽي ۾پيرسن بک ۽ بيماري وگهي فوت

“ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪريو” حيدرآباد ۾ عورتن، ٻارن ۽ مردن جو مارچ، ڌرڻو