عالمي بينڪ جي ڇرڪائيندڙ رپورٽ

0
173
ڪلالڪا هَٽَ، اسپرٽ جو واهپو ۽ زندگين جو زيان

جٽادار ترقيءَ بابت عالمي بينڪ جي ڏکڻ ايشيا واري ريجنل ڊائريڪٽر جان اي  روم سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سبب رَسندڙ هاڃن جي امڪانن، ان جي نتيجي ۾ وڌندڙ غربت، ڏڪار، ٻوڏ ۽ سامونڊي سطح ۾ واڌ ۽ ملڪي معيشت جي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کان آگاهي ڏني آهي. عالمي بينڪ جي نمائندي جي خيال موجب، پاڪستان ۾ غربت جا مک سبب معاشي غير جٽاداري، پرڏيهي ناڻي جي آمد ۾ گهٽتائي، گردشي قرض ۽ ناقص ٽيڪس اوڳاڙي آهن. رپورٽ موجب 2022ع واري ٻوڏ پاڪستان ۾ 2030ع تائين ايس ڊي گولز (جٽادار ترقيءَ بابت مقرر ڪيل هدف) حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندي، اٽڪل 84 کان 91 لک ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ هوندا، جڏهن ته 60 کان 70 لک ماڻهو مالي بحران سان متاثر ٿيندا. 76  لک ماڻهو غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، 17 ملين عورتن ۽ ٻارن کي  مختلف بيمارين جو خطرو آهي، اڳتي هلي 43 لک ماڻهن کي روزگار جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو. سنڌ جي وڏي وزير پلاننگ کاتي جي ٽيم کي هدايت ڪئي ته اها ورلڊ بينڪ جي رپورٽ ۽ سفارشن جو مطالعو ڪري، انهيءَ رپورٽ جي روشنيءَ ۾ پنهنجو ترقياتي پلان ترتيب ڏئي ته جيئن پائيدار ترقيءَ ذريعي صوبي مان غربت جو خاتمو آڻي سگهجي.

گرين هائوس گئسن جو گهڻو اخراج ماحولياتي دهشتگردي آهي، جنهن جو شڪار سڀ کان وڌيڪ غريب، غير صنعتي ۽ پوئتي پيل ملڪ ٿين ٿا، جيڪي بنهه گهٽ مقدار ۾ انهن گئسن جو اخراج ڪن ٿا. پاڪستان جو گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ حصو صرف هڪ سيڪڙو آهي، پر اهو وڏي پئماني تي ماحولياتي تباهيءَ کي ڀوڳي رهيو آهي. پاڪستان ۾ به ماحولياتي تباهيءَ جو سڀ کان وڏو شڪار سنڌ ٿي رهي آهي، جتي غربت جو گراف ٻين صوبن کان گهڻو وڌيڪ آهي، سسٽم مان پاڻيءَ جو پورو حصو نه ملڻ جي ڪري سنڌ جي معيشت ۽ ماحوليات تباهه ٿي وئي آهي. سُڪايو به سنڌ کي ويندو آهي ته ٻوڙيو به سنڌ کي ويندو آهي، غربت، ڏڪار، ٻوڏن ۽ بيمارين جو منهن سنڌ ڏانهن آهي. غير فطري لڏ پلاڻ به سنڌ ڏانهن! عالمي بينڪ جي نمائندي اهو خدشو ظاهر ڪيو آهي ته، 2022ع واري ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جي ڪري پاڪستان ۾ 2030ع جي ايس ڊي گولز حاصل نه ٿي سگهڻ جا امڪان آهن. اسان ھتي اهو ذڪر ڪرڻ مهلائتو ٿا سمجهون ته سنڌ ۾ ته اڃان ته 2010ع واري ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر جي بحالي ئي نه ٿي سگهي آهي، 2022ع واري ٻوڏ ته پوءِ جي ڳالهه آهي. هتي بحالي ۽ ترقي ته بي معنيٰ اصطلاح بڻيل آهن. هتي ٻي قدرتي آفت سبب ايندڙ تباهيءَ جو تسلسل اتان شروع ٿيندو آهي، جتي پهرين قدرتي آفت ڇڏيو هو. ٻي ڳالهه ته 2022ع ۾ به سڀ کان گهڻي تباهي، پوڇڙ ۾ هجڻ جي ڪري سنڌ ۾ آئي. سنڌ کي بحاليءَ لاءِ مليل عالمي امداد ۾ به وفاقي حڪومت نظرانداز ڪيو.

عالمي بينڪ جي نمائندي طرطان پرزنٽيشن کان پوءِ سنڌ سرڪار اگهور ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي آهي ۽ رٿابندي کاتي جي ٽيم کي چيو آهي ته عالمي بينڪ جي رپورٽ ۽ سفارشن جي روشنيءَ ۾ پلان جوڙيو وڃي ته، غربت جو خاتمو آڻي سگهجي، نه ته شايد ان کان اڳ سنڌ جي منتظمين کي به اها خبر ئي نه هئي ته، ان ٻوڏ جا اثر ايڏا هاڃيڪار آهن، جو جٽادار ترقيءَ جا هدف حاصل ٿي نه سگهندا. رٿابندي کاتو سنڌ جي ترقيءَ لاءِ رٿابندي ته اڳ ۾ به ڪندو رهيو آهي، پر اها ترقي ڪنهن ٻئي گرهه تي ٿيندي هجي ته ٿيندي هجي، پر هتي اها نظر نٿي اچي. عالمي بينڪ طرفان غربت ۾ واڌ، ماحولياتي تباهيءَ سبب ڏڪار، بيمارين، غذائي کوٽ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، ان مان ته گهڻي ڀاڱي سنڌ متاثر ٿيندي. عالمي بينڪ طرفان ڪيل سفارشن مان گهڻيون اهڙيون آهن، جن تي عمل وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، پر ڪجهه اپاءَ سنڌ سرڪار،تي پڻ واجب ٿين ٿا، جن لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جيئن غربت جو خاتمو اچي سگهي، ڏڪار ۽ بيمارين جو رستو روڪي سگهجي.