اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي مامرن جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي سان اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوئيترس جو فون تي رابطو ٿيو، جڏهن ته پاڪستان ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزيرن به فون تي افغانستان جي صورتحال بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، تفصيل موجب پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي برطانيا جي هم منصب سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ علائقائي سالميت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان ڪابل ايئرپورٽ تي ٿيل دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان لڳايل تمام اندازا غلط ثابت ٿيا، افغانستان ۾ اوچتو تبديل ٿيندڙ صورتحال سڀني لاءِ حيران ڪندڙ هئي، طالبان پاران جنگ جي خاتمي، عام معافي جي اعلان، انساني حقن جي تحفظ، افغانستان جي سرزمين کي ڪنهن خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏيڻ جي حوالي سان سامهون آيل بيان سٺو سنئوڻ آهي، پاڪستان لاءِ ويجهي پاڙيسري ملڪ هجڻ ناتي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام انتهائي اهميت رکي ٿو، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، عالمي برادري ماضي جي غلطين کان پاسو ڪري، افغانستان کي اڪيلائي جو شڪار ٿيڻ نه ڏئي، افغانستان جي معاونت کي يقيني بڻايو وڃي، اسان کي اهڙن عنصرن کان محتاط رهڻ جي ضروت آهي، جيڪي امن ڪوششن کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن برطانيا جي پرڏيهي وزير افغانستان مان برطانوي شهرين کي ڪڍڻ جي حوالي سان پاڪستان جي معاونت کي ساراهيو ۽ شڪريو ادا ڪيو، پرڏيهي وزير برطانيا سان ريڊ لسٽ جو مامرو اٿاريو ۽ ان حوالي سان برطانوي پاڪستانين ۽ شاگردن کي پيش ايندڙ مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ اها اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان کي ريڊ لسٽ تي رکڻ واري فيصلي تي برطانيا پاران نظرثاني ڪئي ويندي، ٻئي طرف اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گويئترس پرڏيهي مامرن جي وزير شاهه محمود قريشي سان فون تي رابطو ڪيو ، جنهن دوران افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزيرچيو ته عالمي برادري تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته افغانستانين کي سماجي، اقتصادي ۽ انساني حوالن سان معاونت جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، هن اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل کي افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي کي ڪڍڻ لاءِ پاڪستان پاران جاري معاونت کان آگاهه ڪيو، هوڏانهن وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، طالبان کي مشورو ڏئي سگهون ٿا، انهن کي ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪري سگهون، اسان طالبان کي آمريڪا سان ڳالهين لاءِ راضي ڪيو، ڪابل حڪومت سان به طالبان جون ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بدقسمتي سان اشرف غني اسان جي ڳالهه نه ٻڌي، هن چيو ته پاڪستان هن وقت 35 لک افغانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن وقت افغانستان جي صورتحال خراب آهي، پاڪستان ڪابل کان 4 هزار شهرين جي نڪرڻ ۾ مدد ڪئي، اسان جي سرحدن تي ڪو به دٻاءُ ناهي،


































