عالمي امداد ٻوڏ متاثرن تي ئي خرچ ڪرڻ جو سوال

0
176
عالمي امداد ٻوڏ متاثرن تي ئي خرچ ڪرڻ جو سوال

پاڪستان عالمي دنيا کان ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ جنهن امداد جي اميد پئي ڪئي ان کان به وڌيڪ دنيا آڏو اچي پاڪستان جي مدد ڪئي آهي جنهن جو اظهار وفاقي حڪومت وزيراعظم ۽ ٻين پنهنجي بيانن ذريعي ڪيو آهي.جڏهن سڄي دنيا ٻوڏ متاثرن جي درد کي سمجهي محسوس ڪري وڏي پئماني تي امداد جو اعلان ڪيو آهي ته هاڻي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو امتحان شروع ٿيندو ته انهي  امداد کي شفاف نموني ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي خرچ ڪن. ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ايترا کوڙ مثال موجود آهن جو زلزلي کان وٺي ڪورونا جي وبا جي دوران ملندڙ امداد ماڻهن تي خرچ ٿيڻ بدران ڪجهه فردن جي هٿن ۾ هلي وئي جنهن ڪري به هن ڀيري هيڏي وڏي ٻوڏ ۽ تباهي اچڻ باوجود دنيا پهرين امداد جو اعلان ڪرڻ کان ڪيٻائي رهي هئي ۽ پوءِ وفاقي حڪومت ۽ خاص ڪري پرڏيهي وزارت جي مسلسل محنت ۽ ڪوششن تي قائل ٿي ته تباهي تمام وڏي ٿي آهي جيڪڏهن دنيا امداد لاءِ اڳيان نه آئي ته ڪروڙين متاثر ٿيل ماڻهن جي بحالي ممڪن بڻجي نه سگهندي.جنهن کانپوءِ گڏيل قومن ۽ پاڪستان گڏجي عالمي ڊونرز ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ 10 اربن کان وڌيڪ امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اسان جي ملڪ جي بدقسمتي رهي آهي ته وسيلن سان مالا مال هوندي حڪومت جي غلط پاليسين سبب سدائين ملڪ معاشي طور ڏکيائين کي منهن ڏيندو رهيو آهي. معاشي پاليسيون عوام جي بهتري کي نظر ۾ رکندي نه جوڙيون وينديون آهن پر سدائين عوام کان ٽيڪس وٺي ڪجهه سيڪڙو مراعت يافته طبقي تي اهي پئسا خرچ ڪيا ويندا آهن جنهن ڪري غير پيداواري خرچ وڌيڪ ٿيڻ جي ڪري ملي مشڪلاتون اينديون رهنديون آهن ۽ پوءِ سدائين قرضن تي گذارو ڪيو ويندو آهي ۽ وري انهن قرضن جو وياج ڀرڻ لاءِ عوام تي سڌي يا اڻ سڌي ٽيڪسن جي ڀرمار هوندي آهي.جڏهن وري ڪي قدرتي آفتون زلزلا ٻوڏون يا وبا ايندي آهي ته مدد لاءِ عالمي امداد ڏانهن واجهائبو آهي.هن وقت به اها ئي صورتحال آهي جو ٻوڏ کي ڇهه مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين متاثرن جي بحالي لاءِ حڪومت پاڻ ڪجهه ڪرڻ لائق نه رهي آهي ۽ عالمي مدد ڏانهن واجهائي رهي آهي.اسان وٽ انهن ڏکين ڏينهن ۾ عالمي امداد ته ايندي آهي پر اصل مسئلو انهي امداد جو صحيح استعمال نه ڪرڻ آهي جنهن ڪري دنيا سدائين شڪ جي نظرن سان ڏسندي رهندي آهي، جنهن جو وڏو مثال ڪشمير م آيل زلزلو ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي وبا هئي جنهن ۾ دنيا دل کولي مدد ڪئي پر اها متاثرن تائين رڳو نالي ماتر پهتي جنهن ڪري هن وقت تائين به زلزلي متاثر علائقا ٻيهر آباد نه ٿي سگهيا آهن يا وري ڪورونا جي فنڊن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون آيا جن جو به ڪو حساب ڪتاب نه ٿو ملي.هن وقت به جڏهن دنيا 10 ارب ڊالرن کان وڌيڪ امداد جو اعلان ڪيو آهي ته اهو سوال پيدا ٿي رهيو آهي ته ڇا اها رقم ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي لاءِ شفاف نموني خرچ ٿيندي يا اها ٻين هٿن ۾ هلي ويندي.

اسان سمجهون ٿا ته هن وقت تائين ڪنهن به ٻوڏ متاثر جي مڪمل بحال نه ٿي سگهي آهي  ۽ نه ئي وري انهن جي تباهه ٿيل ملڪيتن يا فصلن جو انهن کي معاوضو ملي سگهيو آهي.اڄ به لکين ٻوڏ متاثر بنا ڇت جي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ اها به خبر ناهي ته انهن مان ڪيترا ٻوڏ متاثر رات جو بکئي پيٽ سمهن ٿا يا بيمارين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ جيڪو وڏي ۾ وڏو مسئلو فنڊن جو هو اهو هن اعلان کان پوءِ حل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي پر اصل مسئلو هاڻي شروع ٿيندو ته انهي رقم کي ڪيتري شفاف نموني خرچ ڪيو وڃي ٿو جيڪو ئي اڄوڪن حڪمرانن جو امتحان آهي.ڇاڪاڻ ته ٻوڏ متاثرن جي نالي تي دنيا کان ايندڙ رقم جيڪڏهن انهن تي خرچ نه ٿي ٿئي ته انهي کان وڌيڪ مجرماڻي غفلت يا ڏوهه ٻيو ڪو ٿي نه ٿو سگهي.