عاصما راني قتل ڪيس: جوابدار مجاھد آفريدي کي موت جي سزا جو حڪم

0
225

پشاور (ڊيسڪ رپورٽ) عدالت ميڊيڪل جي شاگردياڻي عاصما راني جي قتل ڪيس جي مرڪزي جاوبدار مجاھد آفريدي کي موت جي سزا جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو آھي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پشاور عاصما راني جي قتل ڪي مرڪزي جوابدار مجاھد آفريدي کي موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو، جڏھن تھ ٻن جوابدارن شاھ زيب ۽ صادق کي بري ڪيو ويو، ياد رھي تھ عاصمھ راني کي 28 جنوري 2018 تي ڪوھاٽ ۾ قتل ڪيو ويو ھو، جوابدار مجاھد آفريدي عاصما راني کي شادي کان انڪار تي قتل ڪيو ھو، واقعي بعد جوابدار پرڏيھھ فرار ٿي ويو ھو، جنھن کي بعد ۾ انٽرپول جي مدد سان گرفتار ڪري وطن آندو ويو ھو.