ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا راکي ساونت پنهنجي مسلمان دوست عادل خان دراني سان ڳجهي نموني شادي ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي زينت بڻيل آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي اداڪارا پنهنجي مسلمان دوست سان شادي ۽ اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته “مان هندستان ۾ رهندي آهيان، هتي طلابان جي حڪومت نه آهي. عادل دراني سان نڪاح قبول ڪيو آهي يا نه جي سوال تي هن چيو ته خبر نه آهي عادل ماڻهن اڳيان ڇو نه اچي رهيو آهي؟ رات 3 وڳي تائين اهو ئي سوچيندي آهيان ته اهو شادي ڇو لڪائي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجو مڙس پنهنجي گهر واري ۽ ٽيلي ويزن جي مشهور شخصيت کي ميڊيا اڳيان اپنائڻ کان منع ڪري رهيو آهي، مان هن جي ڪري برقعو پهرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي پر پوءِ به اهو اسان جي شادي کان انڪار ڪري رهيو آهي.