عادلپور (ن پ ا) عادلپور ڀرسان شهيد سورهيه بادشاھ چوڪ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ۾2 ڳڀرو نوجوان فوت ٿي ويا. تفصيل موجب عادلپور ۾ شهيد سورهيه بادشاھ چوڪ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾نوجوان محمد سليم مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو. جڏھن ته سندس ڀيڻ ۽ پڦي سخت زخمي ٿي پيون. جڏھن ته جان محمد سوسائٽي جو رهواسي نوجوان ڪاشف ولد محمد اسماعيل آرائين سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سندس وارث ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ گهوٽڪي اسپتال کڻي وڃي رهيا هئا ته زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻنهي  نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي سوڳ برپا ٿي ويو. فوت ٿيل نوجوان محمد سليم مهر جي هڪ سال پهريان شادي ٿي هئي. جڏھن ته ٻئي نوجوان ڪاشف آرائينءَ جي رمضان شريف شادي رٿيل هئي. ٻنهي نوجوانن جي حادثاتي لاڏاڻي تي سوڳ ۾ شهيد سورهيه بادشاھ چوڪ، آرائين مارڪيٽ، صالح مهر ۽ جان محمد سوسائٽي جا ننڍا وڏا دڪان بند ٿي ويا.