عادلپور (ن پ ا) عادلپور ويجهو ڳوٺ عظمت خان ڪولاچيءَ جو رهواسي 14 سالن جو عبداللطيف ڪولاچي گهوٽڪيءَ مان پراسرار نموني لاپتا ٿي ويو. گم ٿي ويل نينگر جي وارثن جو ان حوالي سان ٻڌايو ته عبداللطيف گهوٽڪيءَ ۾ بلاول مسجد لڳ ليٿ مشين جو ڪم سکي رهيو هو، هو 21 مئي کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي.  گهڻي ڳولا باوجود نينگر جو پتو نه پئجي سگهيو آهي. وارثن ڊي سي، ايس پي، ايس ايچ او گهوٽڪي ۽ عادلپور کي اپيل ڪئي ته گم ٿيل نينگر جي ڳولا ۾ سندن مدد ڪئي وڃي.