اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي 8، قومي اسيمبلي جي 25 ۽ خيبر پختونخوا اسيمبلي جي 3  ميمبرن جي ساليانه اثاثا جمع ڪرائڻ تي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي آهي، جن ۾ سينيٽر سيد وقار مهدي، ڄام مهتاب حسين ڏهر، تاج حيدر، شوڪت ترين، هدايت الله خان، دوست محمد خان، بلوچستان مان چونڊيل مولانا عبدالغفور حيدري شامل آهن. قومي اسيمبلي جي ميمبر سليم الرحمان، صالح محمد، احسن اقبال، نثار احمد چيما، ذوالفقار احمد، اظهر قيوم نهرا، محسن نواز رانجها، محمد شهباز بابر، احمد حسين، عبدالرحمان خان ڪانجو، چوڌري طارق بشير چيما، اين اي 174 بهاولپور 5 تان چونڊيل مخدوم سيد سميع الحسن گيلاني، عابد حسين ڀيو، نعمان اسلام شيخ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، مير منور علي ٽالپور، محمد اسرار ترين، شڪيلا خالد چوڌري، عائشه رجب علي، ثمينا مطلوب، ڊاڪٽر سيمي عبدالرحمان بخاري، ڪيسو مل کيئل داس جي قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ بحال ڪئي وئي، خيبر پختونخوا اسيمبلي جي فضل حڪيم خان يوسفزئي، فضل مولا، عبيد الرحمان جي ميمبرشپ بحال ڪئي وئي.