لاهور (م ڊ) عائشه گلالئي سوڌو مختلف پارٽين جي اڳواڻن ق ليگ ۾ شموليت ڪري ڇڏي آهي. چوڌري شجاعت حسين، چوڌري غلام سرور، چوڌري شافع ۽ ٻين ق ليگ جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻي ايم اين اي عائشه گلالئي ق ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، عائشه گلالئي چيو ته 9مئي جي واقعن جي مذمت ڪريان ٿي  فوجي ملڪيتن تي حملو ڪيو ويو جڏهن ته سيالڪوٽ جي فيملي سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ايم پي اي احسن بريار، عنصر بريار ۽ سليم بريار به ق ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو . ق ليگ ۾ شموليت ڪندڙن ۾ ولي محمد خان، حاجي سليمان خان، چوڌري خالد محمود،  پيپلزپارٽي پيٽرياٽ جو اڳوڻو نائب صدر ملڪ عزت مهمند به شامل آهن. عائشه گلالئي پهريان پي ٽي آءِ ۾ هئي ان بعد هن پنهنجي پارٽي پي ٽي آءِ گلالئي ٺاهي هئي هاڻ هن ق ليگ ۾ شموليت ڪئي آهي.  ان موقعي تي چوڌري شجاعت چيو آهي ته هي حڪومت ٺهي ته منهنجو پٽ سالڪ وزير ٿيو هو مون ڪڏهن سفارش نه ڪئي هئي ته منهنجي پٽ کي وزير بڻايو، هن چيو ته هر جڳهه کان ماڻهو ق ليگ ۾ شموليت ڪري رهيا آهن جنهن شخص ۾ ”مان“ اچي وڃي ناڪامي ان جو مقدر بڻجندي آهي