عائزه خان کي انڊيا جي ڪھڙي فلم پسند آھي؟

0
511

ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) پاڪستان جي سهڻي اداڪارا عائزا خان مداحن کي پنهنجي پسند جي بالي ووڊ فلم جو نالو ٻڌائي ڇڏيو آهي. پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ ذريعي عائزا خان ٻڌايو ته بالي ووڊ فلم ”هم دل دي چڪي صنم“ مون کي ڏاڍي پسند آهي. پوسٽ ۾ عائزا خان پنهنجي آن ايئر ٿيندڙ ڊرامي ”چپڪي چپڪي“ جي آخري سين جي هڪ تصوير به شيئر ڪئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان ڊرامي جو سين بالي ووڊ فلم ”هم دل دي چڪي صنم“ جي هڪ گيت سان ملندڙ جلندڙ هو، جيڪو ايشوريا راءِ ۽ سلمان خان تي فلمايو ويو هو. پنهنجي ڊرامي جي ان سين ۾ عائزا خان نه رڳو ايشوريا راءِ جهڙو لباس پهريو پر ان جي چهري جا تاثر به گهڻي حد تائين بالي ووڊ سندري جهڙا هئا. واضح رهي ته عائزا خان فلم ”هم دل دي چڪي صنم“ کي 22 سال مڪمل ٿيڻ تي اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي.