لاهور (م ڊ) اڳوڻي چيئرمين نيب جاويد اقبال طيبه گل معاملي تي جوڙيل جاچ ڪميشن کي به چيلنج ڪري ڇڏيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جاچ روڪڻ لاءِ منع نامو جاري ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي، ان کان اڳ کنڀيل ماڻهن بابت ڪميشن جي چيئرمين طور پي اي سي ۾ طلبي کي به جاويد اقبال اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو آهي، عدالت طبي تي منع نامو جاري ڪيو هو، واضح رهي ته طيبه گل اڳوڻي نيب چيئرمين تي هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو هو جنهن تي حڪومت جاچ ڪميشن جوڙي آهي.