اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ۾ پنهنجي طلبي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلنج ڪري ڇڏيو. جسٽس ( ر ) جاويد اقبال هاءِ ڪورٽ بار جي صدر شعيب شاهين ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، قومي اسيمبلي ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو، جسٽس ( ر ) جاويد اقبال گم ٿيل ماڻهن  جي ڪميشن جي چيئرمين طور داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ست جولاءِ تي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس جا منٽس غيرقانوني قرار ڏنا وڃن ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي کي ڪارروائي کان روڪيو وڃي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪاميٽي جي اجلاس جي منٽس ۾ جبري گمشدگين واري ڪميشن جي چيئرمين شپ تان هٽائڻ جو چيو ويو آهي، چيئرمين جو عهدو نه رکڻ جي ڊائريڪشن ڏيڻ ڪاميٽي جي اختيارين واري دائري کان ٻاهر آهي، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو چيئرمين پنهنجي اختيارين جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ طيبه گل نالي عورت اڳوڻي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ۽ ڊي جي نيب لاهور سليم شهزاد تي هراساني ۽ غيراخلاقي رويي جا الزام مڙهيا هئا جنهن تي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جاويد اقبال کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو.