طوفاني برساتن کانپوءِ سبي ويجهو ٻوڏ جي وهڪري ۾ هڪ وين لڙهي وئي، 5 ڄڻا فوت

0
170
طوفاني برساتن کانپوءِ سبي

ڪراچي: طوفاني برساتن کانپوءِ سبي ويجهو ٻوڏ جي وهڪري ۾ هڪ وين لڙهي وئي، 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، پي ڊي ايم اي موجب فوتين ۾ 4 عورتون ۽ هڪ ٻارڙي به شامل آھن

 بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ طوفاني وسڪارن کانپوءِ ڪيترائي بند به لڙهي ويا، موسميات کاتي 21 جون کان سنڌ ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آھي

موسميات کاتي موجب 21۽ 22 جون دوران برساتن جو پهريون اسپيل سنڌ ۾ داخل ٿيندو، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد،  خيرپور ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جا امڪان آھن