طوفاني برساتن جي نقصانن کان بچڻ جي تياري آهي؟

0
167
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان جي بدقسمتي آهي ته جڏهن به ڪا شيءَ اچي مٿان پوندي آهي ته پوءِ ان کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، خبر چار هوندي به اڳواٽ بندوبست ڪرڻ جا اسان عادي نه رهيا آهيون. اهڙي حالت اسان جي هر شعبي سان آهي ايئن پاڻِي جي معاملي ۾ به اسان جو ڪردار ساڳيو آهي پوءِ حالت اها ٿيندي آهي ته يا اسان سوڪ جو شڪار هوندا آهيون يا وري ٻوڏ جو شڪار ٿيندا آهيون يا پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏيندا آهيون يا وري برساتن جي پاڻي کي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناهي. ملڪ ۾ چوماسي جون برساتون شروع ٿي ويون آهن چوماسي جون برساتون گهڻو ڪري فائدي واريون هونديون آهن پر جڏهن معمول کان وڌي وڃن ته نقصانڪار به هونديون آهن. لڳي ايئن رهيو آهي ۽ موسميات کاتي وارا به چئي رهيا آهن ته هن ڀيري چوماسي جون برساتون حد يا معمول کان وڌيڪ پونديون.رڳو بلوچستان ۾ ئي پهرين وسڪاري ۾ پنج ماڻهن جي لڙهي فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن ۽ ڪيترن ضلعن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي جڏهن ته سنڌ ۾ به 21 جون کان اهو سلسلو شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي آهي.لڳي ٿو هن ڀيري به انهي پراڻي عادت وانگر جڏهن مينهن اچي مٿان پيا آهن ته اسان هاڻِي به شايد سامان سهيڙڻ يا ان کي سنڀالڻ جي  ڪا تياري نه ڪئي هوندي ۽ پوءِ پيا نقصان کي منهن ڏينداسين.

سنڌ ڪيترن مهينن کان زرعي توڙي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن ڪري زراعت کي نقصان پوڻ سان گڏ ڪيترن علائقن ۾ چوپائي مال ۽ انسانن لاءِ پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ آهي پر انهن حالتن ۾ به گذارو ڪرڻ لاءِ حڪومتي ۽ انتظامي سطح تي ڪي قدم نه کنيا ويا. ڪيتري وقت کان اهي رڙيون ٿينديون رهن ٿيون ته پاڻِي بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن شاخن جي حالت اها آهي جو ٿورو پاڻي ٿو ڇڏجي ته گهارو لڳي سڄو پاڻي ضايع ٿي ٿو وڃي. شاخن جي ڪپرن جي مضبوطي لاءِ نه ڪي قدم کنيا ٿا وڃن نه وري واٽر ڪورس مڪمل طور پڪا ٿي سگهياآهن جو پاڻي زيان ٿيڻ کان بچي سگهي.هاڻي وري چوماسي جي موسم شروع ٿي رهي آهي ته انهي جي نقصانن کان بچاءُ لاءِ به ڪي قدم نظر نه ٿا اچن پوءِ ٿيندو اهو آهي ته ڪٿي جاني نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ته ڪٿي ماڻهن جا اجها ڊهي پٽ پئجي ويندا آهن ۽ انهن جو مال متاع لڙهي يا تباهه ٿي ويندو آهي پر حڪومت يا نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي يا پراونشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي وارا ماٺ ڪيو ويٺا هوندا آهن ۽ اهي سمجهندا آهن ته انهن جي ذميواري رڳو ماڻهن کي ٻه وقت ڀت جي پليٽ پهچائڻ ئي آهي جڏهن ته انهن جو ڪم تباهي ٿيڻ کان اڳ شروع ٿيڻ گهرجي ته جيئن نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي ۽ ايمرجنسي ۾ وري انهن کي ريسڪيو به ڪري سگهجي. سنڌ ۾چوماسي کان اڳ  پاڻي جي شديد کوٽ ٿيندي آهي پر ڪڏهن به هن چوماسي جي برساتن  جي پاڻي کي  خاص ڪري ڪاڇي،ڪوهستان ۽ ٿر ۾ گڏ ڪرڻ جي ڪا رٿابندي نه ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن وڏي پئماني تي برساتون پون ته اهو پاڻِي گڏ ڪجي جيئن اهڙن علائقن ۾ سڄو سال گهٽ ۾ گهٽ پيئڻ جي پاڻي جو بحران ته نه ٿئي. گهٽ ۾ گهٽ پيئڻ جي پاڻي جي بندوبست لاءِ ته اهڙن علائقن ۾ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي مڪمل ڪري سگهجن ٿا جڏهن ته ڪاغذن ۾ ته ڪيترائي ننڍا ڊيم ڄاڻايل آهن پر حقيقت ۾ انهن جو ڪو وجود ئي ناهي.

اسان سمجهون ٿا بلوچستان ۾ چوماسي جي پهرين وسڪاري جي شدت ٻڌائي رهي آهي ته هيل سانوڻي تمام تيز هوندي تنهن ڪري خاص ڪري جابلو علائقن ۾ عام ماڻهن جون زندگيون ۽ مال متاع کي بچائڻ لاءِ اڳواٽ ئي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن ۽شهرن ۾ نيڪال جي نظام کي بهتر ڪرڻ گهرجي جيئن ڪنهن شهري ٻوڏ يا نقصان جو خطرو نه رهي.