طوطا مستقبل جي واقعن بابت اندازو لڳائي وٺن ٿا: تحقيق

0
255
طوطا مستقبل جي

ڪراچي (دلچسپ نيوز) سائي رنگ جا طوطا اڪثر گهرن ۾ ملندا آهن ۽ اهي طوطا ماڻهن جي زبون به آسانيءَ سان سکي ويندا آهي. ان حوالي سان ماهرن هڪ تحقيق ڪئي آهي جنهن ۾ معلوم ٿيو آهي ته طوطي جا جينز انسانن جي ڀيٽ ۾ تيز هوندا آهن ۽ طوطا هميشه اهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيڪو کين ڏکيو لڳندو آهي

ماهرن جو چوڻ آهي ته طوطي جي ڇهين حس وڌيڪ ڪم ڪندي آهي ۽ انهن جي سنگھڻ جي حس انسانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيز ڪم ڪندي آهي، جنهن سبب هنن جي نڪ ۾ موجود آلفيڪٽري گليڊز موجود هوندا آهن. ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن کي خبر آهي ته طوطا جيڪي ميوو کائيندا آهن ذائقي ۾ تمام سٺا هوندا آهن. ان کان سواءِ طوطا مستقبل جي واقعن بابت اندازو لڳائي وٺندا آهن، تنهنڪري ڪجهه ماڻهو انهن کان پرچيون ۽ ڪارڊ کڻائيندا آهن.