طبي ماهرين پاران نوجوانن کي فائزر ڊوز لڳائڻ سان منفي خدشن جو اظهار

0
766
طبي ماهرين پاران نوجوانن

ڪراچي(م ڊ) آمريڪي طبي ماهرين 16 سالن کان وڌيڪ عمر جي هر شخص کي فائزر ڪورونا ويڪسين جي بوسٽر ڊوز ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.

هن حوالي سان ماهرين جو چوڻ آهي ته نوجوانن تي هن جا منفي اثر پوڻ جا خدشا آهن.

ماهرين موجب فائزر جي بوسٽر ڊوز صرف 65 سالن کان وڌيڪ عمر يا انتهائي خطري ۾ گهيريل ماڻهن کي ڏيڻ گهرجي.

آمريڪي دوا ٺاهيندڙ ڪمپني فائزر جي سي اي او ايلبرٽ بورلا جو چوڻ آهي ته 6 مهينن کان 5 سال جي عمر جي ٻارڙن کي فائزر ويڪسين لڳائڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (ايف ڊي اي) کان اجازت طلب ڪري سگهجي ٿي.

5 کان 11 سالن جي عمر جي ٻارڙن لاءِ ويڪسين جي اجازت ملڻ تي فائزر ويڪسن ايندڙ مهيني ۾ اچي سگهي ٿي.

واضح رهي ته آمريڪا ايندڙ هفي اربع جي ڏهاڙي ڪورونا وبا بابت عالمي اڳواڻن جي ورچوئل اجلاس جي ميزباني به ڪندو.