اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته طالبان کي عالمي قانونن ۽ روايتن جو احترام يقيني بڻائڻو پوندو، جيڪڏهن بيانن جي پاسداري ڪندا ته انهن تي اعتماد ڪيو ويندو. برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود چيو ته افغانتسان مان تڪڙ ۾ واپسي افغان عوام کي اڪيلو ڇڏڻ برابر آهي، اها ئي غلطي هئي، جيڪا 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڪئي وئي، ضروري آهي ته عالمي برادري ان غلطي نه ورجائي، افغانين کي اڪيلو نه ڇڏي.






























