طالبان قنڌار ۾ ڀارتي قونصل خاني تي قبضو ڪري ورتو

0
358

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) افغانستان جي شهر قنڌار ۾ ڀارتي قونصل خاني تي طالبان قبضو ڪري ورتو، طالبان جي طرفان قنڌار ۾ ڀارتي قونصل خاني تي قبضي جي وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي، وڊيو ۾ طالبان کي قنڌار ۾ ڀارتي قونصل خاني جي مختلف حصن ۾ ويندي ڏسي سگهجي ٿو، واضح رهي ته افغانسان جي ٻئي شهر قنڌار ۾ قائم ڀارتي قونصل خانو بند ڪيو ويو آهي ۽ عملي کي به واپس گهرايو ويو، ڀارتي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ارندام باغچي موجب عملي جي واپسي حالتون بهتر ٿيڻ تائين هڪ وقتي قدم آهي ۽ قنڌار قونصل خاني جو مقامي عملو ڪم ڪندو رهندو.