طالبان جي عبوري ڪابينا پنجشير صوبي ۾ امداد مهيا ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

0
235

ڪابل: طالبان جي عبوري ڪابينا پنجشير صوبي ۾ انساني امداد مهيا ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، پنج شير جا سمورا رستا کُلي ويا.

 ٽيلي ڪميونيڪيشن سروس به بحال، عبوري حڪومت نئون آئيني ڍانچو جاري ڪري ڇڏيو.

 40 نقطن تي ٻڌل سياسي ۽ قانوني ڍانچي ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ سرڪاري مذهب اسلام هوندو.

 پرڏيهي پاليسي جو مرڪز به اسلامي شريعت هوندي، سمورن پاڙيسري ملڪن سان حل طلب مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.