طاقتور قانون جِي بالادستي کان بچڻ لاءِ پي ڊي ايم جهڙا الائنس ٺاهيندا آهن: وزيراعظم

0
343

نوشهره (ڊيسڪ رپورٽ) نوشهره: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ طاقتور قانون جي هيٺان نٿو اچڻ گهري، ان جي ڪري پي ڊي ايم جهڙا الائنس ٺاهيا ويا، نوشهره ۾ جلوزئي هائوسنگ منصوبي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته جلوزئي ۾ منصوبي سان گهٽ آمدني واري طبقي کي گهر ملي سگهندو،حڪومت وٽ ايترا پيسا نه آهن جو هر ماڻهو کي گهر ٺاهي ڏيئي، دنيا ۾ ڪا به حڪومت هي نٿي ڪري سگهي، هن چيو آهي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادسي جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، بانا ري پبلڪ ۾ طاقتور جي لاءِ لڳ قانون هوندو آهي، طاقتور قانون جي هيٺا نٿو اچڻ چاهي، ان لاءِ پي ڊي ايم جهڙا الائنس ٺاهيندو آهي، عمران خان چيو آهي ته طاقتور جو مقصد هي هوندو آهي ته اسان کي عام ماڻهن جي قانون جي طرح نه رکو، اسان خاص ماڻهو آهيون، هي چوري ڪن، ڌاڙو هڻن ۽ مني لانڊرنگ ڪن هنن کي قانون جي هيٺان نهه آندو وڃي، اهڙِي طرح شوگر مافيا مهانگي کنڊ وڪرو ڪري پيسا ٺاهيندو آهي ۽ هي مافيا ٽيڪس ناهي ڏيندي، ڪجهه ڪيون ٿا ته شوگر مافيا به چوي ٿي ته اسان خاص ماڻهو آهيون، هر جڳهه تي اهڙي ئي مافيا ويٺي آهي.