طاقتور طبقو انصاف نه پر اين آر او گهري ٿو: وزيراعظم

0
402
اسلامي انقلاب تلوار سان

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران چيو آھي ته طاقتور طبقو انصاف نه اين آر او گهري ٿو، طاقتور پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو، طاقتور چاهي  ٿو ته هن کي آساني سان اين آر او ملي وڃي

تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هاري ۽ مزدور پئسا چوري ڪري لنڊن ۾ فليٽ خريد ناهي ڪندو، طاقتور طبقو چوري به ڪري ٿو ته سينازوري به، ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين غريب ماڻهن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي

 وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته هيٺيون طبقو انصاف جي تلاش ۾ هوندو آهي، 50سالن بعد ملڪ ۾ 10وڏا ڊئمز ٺاهي رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ملڪ جو وڏو طبقو مزدور ۽ آبادگار آهي، 90سيڪڙو ننڍن آبادگارن جي آهي.

ھي به پڙھندا

دنيا کي افغان سرڪار سان هر حال ۾ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن:عمران خان