طاقتور ديوتا جي پوڄاري سياست

0
162
طاقتور ديوتا جي پوڄاري سياست

هن ملڪ جي سياست کي ڪهڙي ڪردار جو نالو ڏجي؟ جڏهن ملڪ جي ٻن وڏين جماعتين جي ليڊرن جن کي پنهنجي جماعت جا ڪارڪن ۽ عهديدار ۽ پنهنجو قائد ، رهبر ۽ اڳواڻ چون انهن کان جڏهن اقتدار الڳ ٿو ٿئي يا اقتدار کان الڳ ڪيو ٿو وڃي تڏهن هڪ ليڊر وڏي غصي ۽ منهن تي ڪروڌ آڻيندي چئي ٿو ته “ مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ ” ۽ پوءِ پوري تمتراڪي سان چئي ٿو ته هاڻي هو “ انقلابي ٿي چڪو آهي ” ۽ پوءِ جلدي هو عوام جي اجتماعن کي خطاب ڪندي چئي ٿو ته منهن جي خلاف جيڪا سازش ٿي آهي اها عام سطح جي ناهي پر “ خلائي مخلوق منهنجي خلاف ٿي چڪي آهي ۽ اها منهنجي سياست ۾ مختلف قسمن جون رڪاوٽون ڪندي منهنجي خلاف  هڪ وڏو پلان ٺاهيو ويو آهي ” “ مجهي ڪيون نڪالا” هڪ طرف ن ليگ وارن جي لاءِ دانهن هئي ٻئي طرف سندسن مخالفن اها طنز ٺاهي ڇڏي. جلدي ٻي پارٽي جنهن تبديلي جو نعرو هنيو ۽ پنهنجي جلسن کي جلوسن کي “سونامي” چئي جنون جا ترانا ۽ نغما ڳايا اقتدار ملڻ کان پوءِ پنهنجي ڪاميابي ۽ پنهنجي فيسليٽيٽر جي مهرباني مڃيندي ايترو ڪجهھ چيو جو  ملڪي سياست جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪو پارٽي اڳواڻ اهڙو گذريو يا آهي جنهن “ هڪ پيج تي ” هجڻ جي شڪرياتي تعريف ڪئي ۽ پنهنجي پٺي تي ان طاقت جو هٿ هجڻ جا سڌا اعتراف ڪيا پر وقت گذرڻ سان جڏهن وزارت عظميٰ لڏڻ لڳي ته پوءِ انقلاب جو جنون طرح طرح جا  ري ايڪشن ڏيکاريندي وري نئين تاريخ رقم ڪندي پوءِ اهوئي تبديلي پسند “محبوب رهنما”  اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته “ مون کي ڇو نه بچايو ويو؟” فرق هي آهي ته هڪ ان طاقت کي خلائي مخلوق ٿي سڏيو ۽ ٻئي “هينڊلر ” سڏڻ شروع ڪيو. انهيءَ کان پوءِ ٽئين نمبر هلندڙ جماعتن جي هڪ وڏي اڪثريتي ليڊرشپ ته صاف لفظن ۾ اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته “ اسان اهوئي ڪندا آهيون جيڪو مٿان حڪم ايندو آهي يا فون ايندي آهي”

يعني جڏهن پاڻ چئون ته هن ملڪ جي اڪثريتي پارلياماني سياست ڪهڙن به سرسبز نعرن سان ۽ انقلابي ترانن سان گونجي پر اها سڀ جو سڀ سياست ڪنهن نه ڪنهن رخ ۽ روپ ۾ ان هڪ ئي طاقت جي گرد گھمندي نظر ٿي اچي جنهن مان هو اقتدار جي اميد سمجھن ٿا. عمران خان ن ليگ جي هاڻوڪي صدر ۽ وزير اعظم  شهباز شريف لاءِ ته نالو ئي اهو رکيو آهي ته هو اقتدار ڏيندڙ ان طاقت جا بوٽ پالش ڪندو آهي تنهن ڪري هو شهباز شريف کي “ چيري بلاسم”  جي نالي سان سڏي ٿو هو پاڻ اهو اڻ سڌي طرح سان اعتراف ڪري ٿو ته هو پاڻ بوٽ پالش ڪري ٿو ۽ هي پاڻ بوٽ  جي ڏورين مان هٿ ئي نٿو ڪڍي سندس طنز اها ناهي ته شهباز شريف بوٽ پالش جي خوشامد ڇو ٿو ڪري پر سندس طنز جو مقصد اهوئي آهي ته هي اسان جي محبوب بوٽ کي چنبڙي ڇو ويٺو آهي. اها ئي طنز عمران خان جا مخالف ان تي ڪن ٿا ته اقتدار جي هٽڻ کان پوءِ هو شڪايتون ڪندي ان طاقت تي اهڙي تنقيد ڇو ٿو ڪري ته اها طاقت هن جو ساٿ ڏي، هاڻي پاڻ جيڪڏهن هي چئون ته هن وقت سياستدانن بوٽ جي ان طاقت کي تنقيد کان وڌيڪ ان جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي آهي يعني هاڻي اسان جي محبوب سياستدانن جي لاءِ عوام ديوتا ناهي پر بوٽ ديوتا آهي انهيءَ بوٽ ديوتا جي پوڄا جو منظر وڌندي هاڻي انهيءَ حد تائين پهتو آهي ته هڪ طرف عمران خان لانگ مارچ جا قافلا وٺي وڌي پيو ته ٻئي طرف سمورا اتحادي جنتر ۽ منتر جا ورد ڪندي سڌا لائين ۾ مالائون جهلي بيٺا آهن. انساني تاريخ ۾ ديوتائن جي پوري تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته ديوتا ڌرتي تي نه هئا ۽ نه نازل ٿيا پر روحانيت جي تشريح ڪندڙ پاڻ کي عقل ڪل سمجھندڙ اهي اڳواڻ جيڪي ان مٿ جي فلسفن کي جوڙڻ جي مهارت ڏيکاري ان انسانن کي ديوتا جا تصور ڏنا پر هي هڪ حقيقت آهي ته هنن اڪثريتي ديوتا اهي جوڙيا جن ۾ طاقت تصور ڪئي ويندي هئي پوءِ اهي سمنڊ هجن درياءَ هجن طوفان هجن يا باھه هجي انهن سڀني طاقتور ديوتائن کي راضي رکڻ جي لاءِ هڪ طرف ته انهن جي پوڄا پاٺ ڪئي ته ٻئي طرف انهن جي نظر ۽ نياز جي لاءِ ماڻهن کي قائل ڪيو ويو ته هو نظرانا ڏين ۽ پوءِ انهن جا نظرانا وصول ڪري هنن ديوتائن جي ڪروڌ کي پنهنجي سفارشن سان ختم ڪرڻ جون ڪهاڻيون گھڙيندي تاريخ جو سفر وڌايو. ان ئي سلسلي ۾ وڌندي هڪ نظريو اهو جوڙيو ويو ته انهن طاقتور ديوتائن سان ڪو به ٽڪر کائي نٿو سگھي صرف ۽ صرف ان جي ڪروڌ کي ختم ڪرڻ جو رستو هي آهي ته انهن جي پوڄا پاٽ ڪئي وڃي ۽ انهن کي راضي ڪيو وڃي. روحانيت جي ان دنيا ۾ جيڪي ديوتائن کي تخليق ڪندا هئا انهن جي خوف ۽ ڪروڌ جا قصا ٻڌائي هڪ خوف جي نفسيات جوڙي وئي هئي تاريخ ۾ انهن جي خلاف اهي انقلابي ثابت ٿيا جن پوري ديوتائين مٿ کي ٽوڙي ختم ڪري ڇڏيو. سياست جي دنيا ۾ به ايئن آهي سياست جو هڪڙو گروھه ڄاڻي واڻي  اها ڪوشش ڪندو آهي ته عوام جي خوشحالي ۽ خدمت جي بجائي ماڻهن ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پيدا ڪري هڪ اهڙي طاقت آڏو آندي وڃي ۽ انهيءَ جي پويان بيهي ڪري پنهنجا مفادات حاصل ڪجن پوري تنقيد جو ملبو انهيءَ جي مٿان ڦٽي ڪجي ۽ باربار اهوئي چئجي ته اسان کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. هن ملڪ جي پاپولر ليڊر کان وٺي هن وقت تائين جڏهن اقتدار ۾ هوندا آهن ته چوندا آهن ته اسان خود مختيار ۽ آزاد آهيون ۽ جڏهن اقتدار کان جدا ٿيندا آهن ته چوندا آهن ته “اسان بي اختيار هئاسين ۽ پنهنجي مرضي سان ڪجھه به ڪري نه پئي سگھياسين” يعني انهيءَ جو مطلب هي ٿيو ته حڪومتن جون سڀ ڪمزوريون ڪميون ۽ ڪوتاهيون انهن جي پنهنجي کاتي ۾ شامل نه ڪرڻ گھرجن پر اها پوري تنقيد انهن تي ڪئي وڃي ۽ پوءِ وري ڪمال چالاڪين ۽ ترڪتالين سان حڪومت حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ بوٽ ديوتا جي پوڄا ڪندي نظر ايندا آهن ڀلي هاڻي اسٽيبلشمينٽ پنهنجو پاڻ کي ڪيترو به نيوٽرل چئي پر هي سياست جا جڳاڙي پنهنجي پوري چالاڪين ۽ ذهانت سان جيڪو بوٽ ديوتا تيار ڪيو آهي انهيءَ نالي تي هو سياست به ڪندا ۽ ماڻهن کي خوف به ڏيندا. هن وقت جيڪا صورتحال نظر پئي اچي حيران ڪن حد تائين اها صورتحال آهي ته عمران خان ۽ حڪومت جا اتحادي جيڪي بيان ڏين ٿا يعني هڪڙا خوشامد ۾ ته ٻيا مخالفت ۾ پر سختي سان هن ملڪ جي عدالت به قدم نٿي کڻي ته هي سياست جي نالي تي ۽ مفادن جي خاطر ڪهڙي گيم ٿي رهي آهي ڄڻ ته اڻ سڌي طرح سان سڀئي ان هڪ نقطي تي متفق آهن ته جيڪو ڪجھه ٿئي پيو اهو ٿيندو ئي رهي. پوري ملڪ جي ميڊيا ۾ هڪ اداري جي ٻاويهين گريڊ جي آفيسر جي لاءِ جيڪو شور ۽ ٿرٿلو مچايو ويو آهي اهو هن ملڪ جي سياست ۽ جمهوريت تي جيڪي اثر ڇڏيندو  اهي ته مستقبل ۾ ٿيندي نظر پيا اچن يعني ماضي کان وڌيڪ مستقبل ۾ سخت ڳنڀيرتا اڀرندي نظر پئي اچي، ليڪن انهيءَ کان وڌيڪ انهيءَ جا اثر ملڪ جي معيشت تي پوندا. ڇو ته هن وقت پوري دنيا جي اندر معيشت جو رشتو ڪنهن به ملڪ جي داخلي صورتحال جي بنيادن تي بيٺل آهي ۽ ان داخلي صورتحال جي بهتري مستحڪم سياسي نظام ۽ غير مداخلتي حڪومتي سرشتي سان جڙيل آهي جتي اها صورتحال نه هوندي ته ان ملڪ جي معيشت ۾ بهتري نٿي اچي سگھي نه ملڪ جو سرمائيدار ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪندو ۽ نه ٻاهرين دنيا جو سيڙپڪار ايندو .ها ان پوي غيريقيني جو فائدو اقتداري سيزن ڪمائيندڙ سياستدانن ۽ ڪامورا شاهي کي پوندو. ملڪ جو عوام غربت ۽ ذلت جي زندگي گذاريندي وڌ کان وڌ بربادي جي طرف وڌندو اسان کي هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته ملڪن ۽ قومن جي ترقي جي ضمانت ۽ بنياد سياست ئي فراهم ڪندي آهي اها سياست صرف ۽ صرف عوام جي لاءِ هجي.جيڪا رڳو اقتدار لاءِ هوندي ته اها سياست عوام کي خوف ۾ مبتلا رکي ۽ پنهنجو استحصالي ڌنڌو جاري رکندي ۽ پنهنجي پناھه هر وقت ان ئي حڪمتِ عملي ۾ سمجهندي ته هو صرف ۽ صرف بوٽ ديوتا جي پوڄا ڪندي ڌنڌو به ڪندا، خوف به ڦهلائيندا ۽ پنهنجو پاڻ کي الزامن کان آجو به ڪندا.