ٽنڊوالھيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چئرمين سيد امداد شاھ ۽ پ پ جي صوبائي وزير سيد  ضياء عباس رضوي ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا. مختلف ٿاڻن تي داخل ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ امداد شاھ ضمانت ڪرائڻ لاءِ عدالت پهتو سيشن ڪورٽ ضامن منظور ڪري ورتو . ان ڏس ۾ صوبائي وزير جي ويجهي عزيز سيد امداد شاھ رضوي پريس ڪانفرنس دوران انڪشاف ڪيا ته  پ پ جي صوبائي وزير سيد ضياء عباس رضوي جي حڪم تي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي مون خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن  هن چيو ته منهنجي سوهري مرحوم اميدعلي شاھ رضوي جي سموري ملڪيت تي پ پ جو صوبائي وزير قبضو ڪيو ويٺو آهي. مون منهنجي گهر واري جو حصو گهريو ته هن پهنجن ماڻھن وسيلي منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن،  ٻئي پاسي پ پ جي صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه رضوي جي ترجمان آفتاب جوڻيجو چيو آهي ته اميد علي شاھ رضوي کي ڪو به اولاد نه هو سندس 2 شاديون هيون ٻنهي گهر وارين مان کيس اولاد نه ٿيو. ڳوٺ سيد ڀورل شاھ رضوي ۾ هڪ غريب پورهيت جي ڌي سان مرحوم اميدعلي شاھ رضوي امداد شاھ سان شادي ڪرائي هئي  هن چيو ته امداد شاھ ڪوڙا الزام هڻي رهيو آهي.