اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت اتحاد پاران ضمني چونڊن ۾ شڪست بعد وڏو فيصلو، پارليامينٽ ميمبرن جي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 17 ارب جي سپليمينٽري گرانٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، اقتصادي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، ناڻي وزير اسحاق ڊار لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي اي سي سي اجلاس جي صدارت ڪئي. ٻوڏ متاثرن جي فوڊ سپورٽ پروگرام لاءِ 3 ارب 20 ڪروڙ جا فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، فنڊ ڪڻڪ جو ٻج خريدڻ ۽ ورهائڻ تي خرچ ٿيندو،  ستين آدمشماري لاءِ 5 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي سمري تي  تي غور ملتوي ڪيو ويو، فنڊ هلندڙ سال جاري ڪيا ويندا.