ٺٽو: ضلعي اندر ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون ۽ اين جي اوز آگاهي مهم هلائڻ لاءِ عالمي ادارن کان وڏا پراجيڪٽ ۽ فنڊ حاصل ڪندڙ آھن پر عملي طور تي سندن ڪردار ڪٿي به نظر نٿو اچي ۽ خاص طور تي ساحلي پٽي وارن علائقن ۾ اٻوجھه اڻ ڄاڻ ماڻھن توڙي تعليمي شرح جي لحاظ کان پٺتي پيل علائقن ۾ اين جي اوز جا نمائينده يا ٽيمون ڪم ڪرڻ بدران مخصوص انداز ۾ هوٽلن ۾ آگاهي جي نالي تي پروگرام ڪري خانه پوري ڪرڻ ۾ رڌل آھن.