سکر: گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ سکر ضلعي ڪائونسل اندر 37 يونين ڪائونسل ھيون جن کي وڌائي 42 ڪيو ويو آھي، پنج يونين ڪائونسل جو اضافو ڪيو ويو آھي. اھڙي طرح ميونسپل ڪارپوريشن ۾ 26 يونين ڪاميٽيون ھنيون جن ۾ چار يونين ڪاميٽين جو اضافو ڪري 32 يونين ڪاميٽيون جوڙيون ويون آھن يعني 6 يونين ڪاميٽين ۾ بہ اضافو ڪيو ويو آھي. سکر سٽي ۾ اڳ صرف ميونسپل ڪارپوريشن ھئي پر ھاڻي 3 ٽائون ڪاميٽين نثار احمد صديقي، جيئي شاھ ۽ مڪي شاھ جو اضافو ڪيو ويو آھي.