صوفي فقير ويجهو 2 پرڻيل ناريون چاهيندڙن سان گڏ ٿاڻي پهچي ويون

0
333

صوفي فقير (ن پ ا) صوفي فقير ويجهو ڳوٺ اٽل واٽر واسي 2 پرڻيل ناريون چاهيندڙن سان گڏ گهران نڪري پناھ لاءِ صوفي فقير ٿاڻي تي پهچي ويون، جميلا سولنگي زال الهبچايو پنهنجي ماسات اشرف سولنگي ۽ پروين سولنگي زال جلال پنهنجي سئوٽ محمد علي سولنگي سان گڏ نڪتيون، ٻئي پاسي ٻنهي نارين جا والدين طالب ۽ حفيظ عبدالله ۽ خيري پڻ ٿاڻي تي پهچي ويا ۽ ٻنهي نارين جا مڙس پڻ ٿاڻي تي پهتا نارين جي والدين ۽ مڙسن جو چوڻ آھي ته شادي شده نارين کي ورغلائي اغوا ڪيو ويو آھي، جڏهن ته نارين جو چوڻ آهي هو پسند جي شادي لاءِ گھران نڪتيون آھن، صوفي فقير پوليس نارين کي وومين ٿاڻي عمرڪوٽ موڪلي ڇڏيو ۽ ڪوبه ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.