صوبي ۾ 16لک ٻارڙا زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪن ٿا: سنڌ سرڪار

0
513

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسڪولن ۾ شاگردن کي فرنيچر جي فراهمي بابت ٻڌڻي دوران لکين ٻار زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي، اسپيشل سيڪريٽري اسڪول اينڊ ايجوڪيشن عدالت ۾ پيش ٿيو، سنڌ حڪومت جي رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته صوبي ۾ 16لک ٻارڙا زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪن ٿا، سيڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن موجب گذريل 8سالن کان ٻارڙن لاءِ هڪ ڊيسڪ به نه ورتي آهي، جسٽس صلاح الدين پنهور موجب اسڪولن ۾ ٻارڙن جي ويهڻ لاءِ فرنيچر ناهي، عدالت وٽ لفظ ناهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته اسان وٽ اسڪولن جي نالي تي رڳو خالي عمارتون آهن، ڇا اسان بنيادي ضرورت کي نظرانداز ڪري سٺي تعليم ڏئي سگهون ٿا، عدالت چيو ته ڇا اسان پنهنجي ٻارڙن کي بنيادي حق ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهيون؟ عدالت طرفان اسڪولن کي فرنيچر فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.