حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ قلم  144 لاڳو ڪرڻ واري عمل کي غير جمهوري عمل ۽ آمراڻو فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پ پ سرڪار جي ان عمل جي پويان مڪاني چونڊن ۾ پ پ مخالف اميدوارن جي چونڊ مهم کي روڪي پنهنجا من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ آهي جڏهن ته ڄاڻايل عمل سان سرڪار کي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ٿيندڙ احتجاجن کي روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته جمهوريت جي دعويدار حڪومت سنڌ ۾ سياسي سرگرمين ۽ احتجاجن جي حق کي روڪڻ  ۽ ان تي پابندي لڳائڻ ڪنهن به ريت جمهوري روايت ناهي. حڪومت جي اھڙي نادر شاهي نموني واري حڪم نامي کي سنڌ ترقي پسند پارٽي جمهوريت ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي سمجهي ٿي ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ هر سياسي پارٽي کي اهو حق آهي ته اها پنهنجي سياسي ايجنڊا ۽ ملڪ جي قانون مطابق پرامن جلسا، جلوس ۽ احتجاج ڪري سگهي پر حڪمران ماضي جي آمرن جي نقش قدم تي هلي رهيا آهن.