ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي نون صوبن بابت ڪاميٽي ٺاهڻ، ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ جو ڊوميسائل ڏئي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ۽ سنڌ جا وسيلا وفاق کي ڏيڻ خلاف ڊويزنل سطح تي 24 ڪلاڪن واري بک هڙتال ڪئي وئي. ان ڏس ۾ڪراچي ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران سيد زين شاھ، حريف چانڊيو، ممتاز بروهي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو  بُک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ قومپرست جماعتن جي اڳواڻن  ۽ ڪارڪنن پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي. ان موقعي تي سيد زين شاھ ۽ ٻين اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي وسيلن جا مالڪ حڪمران نه پر سنڌ جو عوام آهي، نون صوبن لاءِ به جيڪا سازش شروع ڪئي پئي وڃي  سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو، هنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجا وسيلا ۽ صوبي جون ملڪيتون بچائڻ لاءِ خاموش نه ويهندا.حيدرآباد ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي نون صوبن بابت سنڌ دشمن ڪاميٽي ٺاهڻ، ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ جو ڊوميسائل ڏئي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ۽ سنڌ جا وسيلا وفاق کي ڏيڻ خلاف 24 ڪلاڪن واري بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. بک هڙتالي ڪئمپ تي قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو، ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، ساس جو سيڪريٽري جنرل تاج جويو، پورهيت مزاحمت پارٽي تحريڪ جي سربراهه مسرور شاهه، اي جي پي جي نذير قريشي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ايڊووڪيٽ منور جتوئي، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، رحمت الله سولنگي، ڪامريڊ نثار سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. اڳواڻن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ آرٽيڪل 144 ۽ 147 جي حوالي منظور ڪيل قراردادون سنڌ جي وحدت خلاف آهن جيڪي فوري طور رد ڪيون وڃن.اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي. پيپلزپارٽي کي رڳو اقتدار گھرجي ۽ سنڌ جا وسيلا لٽڻ لاءِ پيپلزپارٽي کي 15 سالن کان سنڌ تي مڙهيو ويو آھي. هن چيو ته 18ھين ترميم ۽ صوبائي خودمختياري جي دعويدار پيپلزپارٽي سنڌ جا وسيلا وفاق کي ڏئي صوبائي خودمختياري ختم ڪري ڇڏي آھي. سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻهن جا فيصلا ڪنهن به پارٽي کي پنهنجي ليکي ڪرڻ نه ڏنا ويندا. قومي اسيمبلي ۾ نوان صوبا ٺاھڻ بابت ڪميٽي ٺاھي سنڌ جي وحدت تي وار ڪيو ويو آهي جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. پ پ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ لاءِ صوبائي اسيمبلي ۾ غيرقانوني قرارداد پاس ڪئي جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر به ڪميٽين جي آڙ ۾ سنڌ جي وحدت تي حملا بند ڪري. سنڌ جو عوام پنھنجي وحدت جي بقا لاءِ بيدار ٿي جدوجھد جي ميدان تي اچي. هن چيو ته سياسي پارٽين جي مفادن جي جنگ ۾ نشانو عوام بنجي رھيو آھي. پاڪستان کي 5 سالن لاءِ باصلاحيت قومي حڪومت جي ضرورت آھي. هو سنڌ دشمن سازشن خلاف ڪڏھن به خاموش نه ويھندا ڇاڪاڻ ته قومپرستن ھميشه سنڌ دشمن سازشن جي ناڪام بڻايو آھي. تاج جويو چيو ته پيپلزپارٽي ارڙھين ترميم کي واپس ڪري آئين جي آرٽيڪل 144 ۽ 147 ذريعي سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ڪري معدني وسيلا وفاق جي حوالي ڪيا آھن. ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو ته پيپلزپارٽي پنھنجي سياسي مقصدن لاءِ سنڌ جي وحدانيت تي حملا ڪري رھي آھي ۽ ڪرپٽ حڪمران اقتدار تي قبضي لاءِ غير آئيني ۽ غير جمھوري سازشون پيا ڪن. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي سدائين سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاج ڪيو آهي ۽ هاڻي به ھر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو. مسرور شاهه چيو ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي غيرآئيني قدمن خلاف سنڌ واسي ساڻن جدوجهد ۾ شامل ٿين ته جيئن اقتدار جي حاصلات لاءِ حڪمرانن پاران مڙهيل فيصلن کي ناڪام بڻائي سگهجي.لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران افغاني ڀڳوڙن کي سنڌ ۾ ترسائڻ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ خلاف ڊويزنل سطح تي شهر جي اسٽيٽ لائيف انشورنس آفيس ڀرسان 24 ڪلاڪن لاءِ بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سيد لال شاهه، در محمد ٻرڙو، محمد صلاح چانڊيو، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ڊپٽي جوائنٽ سيڪريٽري غلام مصطفيٰ چانڊيو، عبدالڪريم چانڊيو، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين عزيز الله ڀٽو، قومي عوامي تحريڪ جي سڪندر لاشاري، مقصود سومرو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي محمد علي خشڪ، سنڌي ادبي سنگت جي استاد گل دايو، ملهار سنڌي، وفا صالح راڄپر، ايڊووڪيٽ راجا چانڊيو، ايڊووڪيٽ جبار سيال، انور ڳچل، ايڊووڪيٽ امجد سومرو، قربان علي گاڏهي، سيد پيرل شاهه، آڪاش چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران نون صوبن ٺاهڻ بابت پارلياماني ڪاميٽي جوڙڻ ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان آرٽيڪل 144 ۽ 147 بابت پاس ڪيل ٺهراءُ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو رياض چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ 24 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. بک هڙتالي ڪيمپ ۾ مختلف پارٽين جي ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي پاران آرٽيڪل 144 ۽ 147 خلاف سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائڻ سنڌ دشمن فيصلو آهي، ان سان سنڌ جا قدرتي وسيلا وفاق حوالي ڪيا ويندا. اهو سلسلو جاري رهيو ته سنڌ وڌيڪ تباهه ٿي ويندي. هنن واضح ڪيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ورهاست برداشت نه ڪنداسين ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آخري گهڙيءَ تائين جدوجهد جاري رهندي. هنن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي اقتدار جي حصول خاطر سنڌ ورهائڻ واري بدبودار سازش جو حصو بڻجندي رهي آھي، اهو ئي سبب آھي جو هڪ ڀيرور ٻيهر ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو راڳ آلاپڻ شروع ڪريو ويو آهي. ان مقصد لاءِ پارلياماني ڪاميٽي به جوڙي وئي آھي جنهن جو سربراھ خورشيد شاھ آھي. هڪ طرف سنڌ کي ورهائڻ جي سازش اسلام آباد ۽پيپلزپارٽي جا حڪمران ڪن پيا ته ٻئي طرف سنڌ جي قدرتي وسيلن تي قبضي جو اختيار به پيپلزپارٽي وفاق کي منتقل ڪرڻ لاء آرٽيڪل 144 ,147 تحت قرارداد منظور ڪئي آھي پر سنڌ ايڪشن ڪاميٽي اهڙي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. بک هڙتال ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ايس يو پي اڳواڻ حاتن شر، ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي، بشيراحمد لنڊ، عيدن جاگيراڻي اي جي پي اڳواڻ شاھ محمد انڍڙ، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪريم بلوچ، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ فريد خاصخيلي، ڪامريڊ حيدرخان چانڊيو، عمران منگي، ڪمال مهر سميت اتحادي جماعتن جا ڪارڪن شريڪ ٿيا.