اسلام آباد:  گذريل مالي سال جي جولاءِ کان آڪٽوبر تائين ترقياتي اسڪيمن ۽ صوبن کي گرانٽ جي مد ۾ 207 ارب رپيا جاري ٿيا هئا، هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان آڪٽوبر تائين ترقياتي اسڪيمن ۽ صوبن کي گرانٽن جي مد ۾ رڳو 58 ارب رپيا جاري ٿي سگهيا، ناڻي وزارت جي جاري ڪيل رپورٽ موجب گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال دوران ترقياتي اسڪيمن  ۽ صوبن کي گرانٽن جي مد ۾ رقم جي فراهمي ۾ 52.9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.