ڪراچي: صوبائي وزير شبير بجاراڻي شڪارپور ۾ ٿيل آپريشن کي غلط قرار ڏيندي ان کي پوليس جي نااهلي قرار ڏنو آهي. هن چيو ته شڪارپور آپريشن بغير ڪنهن پلاننگ جي ڪيو ويو، جنهن تي افسوس آهي، جيڪا نااهلي ٿي، اها ايس ايس پي جي سربراهي ۾ ٿي، نااهلي جي جاچ ٿيندي، جنهن ۾ ايس ايس پي کي به شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته پوليس وٽ اي ڪي 47 آهن، جڏهن ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن، ڌاڙيلن جو خاتمو آندو ويندو. شهيد پوليس اهلڪارن جو رت رائگان نه ويندو.