حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءُ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي اسپتال مان گهر منتقل ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ دل جي تڪليف سبب اين آءِ سي وي ڊي قاسم آباد ۾ داخل ٿيو هو جتي سندس طبي معائني کانپوءِ دل جون ٻه شريانيون بند هجڻ سبب اسٽنٽ لڳايا ويا هئا. کيس 24 ڪلاڪن تائين اين آءِ سي وي ڊي قاسم آباد ۾ علاج هيٺ رکيو ويو. طبعيت بهتر ٿيڻ بعد شرجيل انعام ميمڻ کي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي. چيو پيو وڃي ته شرجيل انعام ميمڻ آرام لاءِ پنهنجي ڪراچي واري گهر روانو ٿيو آهي. ڊاڪٽرن کيس گهربل دوائن سان گڏ آرام جو مشورو به ڏنو آهي.