ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه سنڌ ڪابينا جو اجلاس خميس 25 مئي تي طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ ثقافت ۽ معذورن جي ڀلائي وارن کاتن لاءِ سرڪاري گاڏيون وٺڻ توڙي سنڌ روينيو بورڊ جي ميمبر حميد ميمڻ جي 28 مئي تي رٽائرمينٽ کانپوءِ سندس خدمتون ٻيهر وٺڻ جي منظوري ورتي ويندي، اجلاس لاءِ مختلف کاتن جون 23 ايجنڊائون رکيون ويون آهن، اجلاس دوران بجيٽ 2023-24 جي ڊرافٽ جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته صوبي ۾ روڊن جي  هلندڙ منصوبن بابت ورڪس کاتي پاران بريفنگ ڏني ويندي، مڪاني کاتو  ڪراچي جي گجر ، محمود آباد ۽ ڪورنگي نالي جي متاثرن جي بحالي بابت ڪابينا کي آگاهي ڏيندو اجلاس ۾ پوليس جي جاچ آفيسرن لاءِ اسپيشل انويسٽيگيشن الائونس سميت ريجنل بلڊ سينٽر ڄامشورو جي قيام تي غور ڪيو ويندو، اجلاس ۾ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي فيڪلٽي ميمبرن جون پگهارون ۽ پي اسڪيل شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري جي برابر ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي. اجلاس ۾ ٽيچنگ لائسنس پاليسي 2023ع  جي منظوري ورتي ويندي. اهڙي طرح ماس ٽرانزٽ ڪراچي جي سي اِي او جي ڀرتي جي منظوري ورتي ويندي: سنڌ ڳوٺ آباد هائوسنگ اسڪيم جي 1987ع  واري قانون سميت سنڌ ڳوٺ آباد رولزع 2008 جي ترميمي مسودي تي غور ڪيو ويندو. ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير واري منصوبي تي به ڪابينا کي بريفنگ ڏني ويندي،