ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار آغا علي چيو آهي ته صنم چوڌري کي بنا ميڪ اپ سڃاڻي نٿو سگهجي. تفصيل موجب پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي ڀلوڙ اداڪار آغا علي اداڪارا حنا الطاف سان گڏ هڪ ٽي وي شو ۾ شريڪ ٿيو، جٿي مختلف سوالن جا جواب پڻ ڏنا هڪ سوال ته ڪهڙي اداڪارا کي بنا ميڪ سڃاڻي نٿو سگهجي جي جواب ۾ آغا علي ڪجهه منٽ خاموش رهڻ بعد چيو ته صنم چوڌري کي بنا ميڪ اپ سڃاني نٿو سگهجي. هن چيو ته صنم منهنجي بهترين دوست آهي انڪري کيس چوان ٿو ته پليز مائينڊ نه ڪري.