ڪراچي: ڪراچي جي صنعتڪارن صنعتن کي گيس فراهمي بند ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪندي وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته گيس جي کوٽ جي آر ايل اين جي ذريعي پوري ڪئي وڃي، بزنس مين گروپ جي چيئرمين زبير موتي والا ۽ ٻين چيو آهي ته سوئي سدرن گيس ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ڪنر ۽ پسهاڪي گيس فيلڊن ۽ اينگرو ايل اين جي پلانٽ مان گيس نه ملڻ سبب 200 کان 250 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي کوٽ آهي، اها کوٽ آر ايل اين جي مان پوري ڪرڻ بدران صنعتن کي گيس فراهمي بند ڪرڻ جو اوچتو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي، گيس جي معاملي ۾ بدانتظامي جي جاچ ڪرائي وڃي. هنن چيو ته واپارين کي هميشه ان ڳالهه کان بي خبر رکيو وڃي ٿو ته سوئي سدرن گيس ڪمپني ذريعي برقرار رکي ويندڙ آر ايل اين جي گهڻي مقدار ۾ آهي؟ سنڌ توڙي بلوچستان جي صارفين جو آر ايل اين جي ۾ حصو ڪيترو آهي؟ ٻئي طرف ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين سليم الزمان چيو ته حڪومت جي لاپرواهي ڪري گيس جو بحران پيدا ٿيو آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ گيس جو بحران آهي، ان ڪري صنعتون به مسئلن جو شڪار آهن هن چيو ته ايل اين جي ٻاهران نه گهرائڻ سبب بحران پيدا ٿيو، جنهن ڪري اڄ ڪراچي ڀوڳي رهي آهي. هن چيو ته بحران ۾ ڪراچي کي ڇو ڦاسايو ويو آهي ؟ سنڌ ته گيس پيدا ڪري رهي آهي جيڪڏهن گيس جو بحران اچڻو آهي ته اهو سنڌ نه پر پنجاب ۾ اچڻ گهرجي.