صدين جي سھاڳڻ جي آس!

0
123
ماسيءَ جي نانءُ!

هوءَ ڏاڍي سُھڻي آھي هن جي بدن مان سونف جي بوءَ ايندي آھي. هُو مٿي تي موھن جو دڙو ۽ ھٿ ۾ ڪارونجهر کڻي تاريخ جي ريتن تي ويھي وقت سان ڪچھريون ڪندي آھي ته سندس اکين جي ڪور مان ڳوڙھن جا ڳوٺ اڏجي پوندا آھن ۽ وري هوءَ اکيون جهپي ڳالھائڻ شروع ڪندي آھي ته سندس سموري بدن ۾ بھادري ڇلڪندي نظر ايندي آھي. هُن جي رقص کان موهجي ڪيترن ئي طاقتور بادشاهن پنھنجيون وستيون، جاهه جلال هستيون ۽ انائون ڇڏي هن کي حاصل ڪرڻ جون پنھنجي آب تاب سان هنبوشيون هنيون، هن کي زخمي ڪرڻ لاءِ خنجرن جا وار ڪيائون ۽ غلامي جو ٻج پوکيائون پر تھذيب جي هن اهم ماءُ رڻ گجائيندَي راڙو ڪندي پنھنجي ڀنڀور ۽ ڀالوه، ڀٽائي ۽ ڀاشا کي ساڻ کڻي، پنھنجو ناچ نه ڇڏيو!

 هن جي حُسن جي هاڪ ڏيسان ڏيس مشھور آھي، هونئن ته حسينائون سينگار پنھنجي ڪونج جھڙي ڳچيءَ، ڪڻڪ رنگن هٿن ۽ کيري جي ول جھڙي پيشاني تي ٽانڪي پنھنجي مست جوڀن جو اظھار ڪري عاشقي نظرن جو مرڪز بڻجڻ لاءِ ناز نخرن جا ناتا جوڙي دليون موهڻ جو مينھن وسائينديون آھن؛ پر انساني تھذيب جي تاريخ جي ماٿي تي چمڪندڙ ارتقا جھڙو سچ تاريخ جي لاوي مان پچي چوي ٿو ته هيءَ ڌرتي جي گولي تي اها واحد حسينه آھي جنھن جي پيرن هيٺيان سينگار آھي. هن ۾ ڪا به لئه نه آھي هي سادي ۽ سٻاجهڙي آھي پر هن جي سادگيءَ ۾ ايتري محويت آھي جو سڄي دنيا جي مفادين جون اکيون ٽڪ ٻڌي هن کي ڏسنديون رهنديون آھن. هن جو ڀيڄ ڀنو بدن رڳو عاشق جو خمار ناهي پر پورهيتن جي پيٽ جو محبوب لولو پڻ آھي. هوءَ شروع کان ئي جوان هئي، هن جو ٻالڪپڻ ظاهر ناهي ٿي سگهيو هن جي جوانيءَ جا دنيا جي ڏھورن ۾ اڄ به ايئن ئي ڏھوڪا گونجين ٿا جيئن پيرون چونڊيندڙ ٿرياڻين جي واتان نڪرندڙ ڏاڏاڻا ڏھوڪا ڀٽن سان ٽڪرائجي للڪار بڻجي سيڙھن، سيمن، ٻُڪرن ۽ ٻوئن ۾ زنده رهندا آھن. هن جي جوانيءَ جو راز هن جو موڀيءَ پُٽ آھي!!خالي پُٽ نه هو ته پُٽستان آھي….! هُن جو پنڌ، هن جي گجگوڙ، هن جي پيشانيءَ، هن جي هلڻ جو انداز… ڊگها ۽ گهاٽا وهڪرا، گهيڙ ۽ لاڏلا لنگھه، هلي ته واسينگ جي ليئن جھڙي چال، گجي ته بڊي جا بادل خاموش ٿي وڃن، پُرسڪون هجي ته خاموشيءَ چپ ڀڪوڙي غور سان ڏسي تعجب ۾ پئجي وڃي!

پُٽ جيڪو سھارو آھي هارين ۽ نارين جو، هن کي ڳوٺ ڳوٺ وڃڻ جي تھذيبي عادت ۽ ثقافتي ستي هئي. هن کي پنڌ ڪرائڻ بدران پنڌ ڪرڻ جو شوق هو ڇاڪاڻ جو هن سمجهيو ٿي ته سندس وهڪرو ئي وجود آھي، سندس پنڌ هن جو سماجي قد آھي، هو موڀيءَ پُٽ اڄ سُڪي سکڻو ۽ ڪنگال بڻجي ويو آھي. هو هڪ وک کڻڻ جي به اهل ناهي رهيو. هاڻ ڳوٺن جا ماڻھو هن کي ڏسڻ اچن ٿا ۽ ان کي صفا سُڪل ڏسي روئڻھارڪين اکين سان واپس وڃن ٿا، هو درد بڻجي ويو آھي. هن ڪيئي ڀيرا پنھنجن والين کي ڪن ۾ به ۽ وڏي واڪي به چيو هو ته مون کي صرف وهڻ ڏيو آئون طاقت جو سرچشمو آھيان، مون ۾ توهان جو موھه ۽ مايا آھي.منھنجو وهڪرو غلاميءَ جي زندگيءَ کان انڪار ۽ آزاديءَ جي گيت جھڙو پيارو آھي. منھنجي لھرن ۾ جياپي جو ساز و سُر آھي، مون کي جياريو مون کي وحشين زخمي ڪري ڇڏيو آھي، مون کي بيرحم مفادين لولو لنگڙو ڪري ڇڏيو آھي، آئون سڪي ويس ته منھنجي ماءُ جي گلو خشڪ ٿي ويندو، هوءَ پاڻي لاءِ سڪي تڙپي تڙپي مري ويندي. دانهن ڪن ٻڌي ڪن نه ٻڌي…….

 اڄ هُن جو دادلو پُٽ بيماري جي بستري تي سڪرات ۾ پيل آھي، ڪو به دوا دارون ناهي. جن کي علاج ڪرڻ گهرجيس سي جسم جو پاڻياٺ وڪڻي پنھنجي بي ضميري جي فيس وصول ڪري رهيا آھن. هن جو جسم ڏٻرو ٿي پيو آھي هن جا اهي ڳٽا جيڪي پري کان پيا چمڪندا هئا ۽ سولر جھڙو ڪم ڏيندا هئا انھن ڳلن ۾ اُٺ ڍڪجي وڃن ايڏيون کڏون پئجي ويون آھن، بدن ۾ پاڻيءَ ڦڙي به ناهي وارياسو ڍانچو وڃي بچيو آھي. هن جا لفظ سچ ثابت ٿي رهيا آھن اڄ هن جي ماءُ ڪڏھن ڪڏھن ويريءَ مان بادلو ڀريندي ڪريو پوي ٿي، ڪڏھن هن جون مينهون پاڻيءَ نه ملڻ ڪري اُڀ ڏاريندڙ رانڀاٽ ڪنديون آھن، ڪڏھن سندس اولاد پاڻيءَ جي واري لاءِ سڳن ڀائرن جا مٿا ڪپي ڇڏي ٿو، نئون ڪوٽ جو قلعو واٽر تڪيندو رهي ٿو ۽ اتان وري سمنڊ جو بکيو پيٽ ٺٽي کي واڳون جيان والاريندو وڌي پيو. منھنجي سنڌ جي اکين ۾ ڳوڙھا آھن! هو زارو قطار روئي رهي آھي ۽ بظاهر پنھنجي ئي ديس جي حرامي ٻارن جي حرڪتن ۽ ڌارين جي اهنجن جا وڍ نه سھندي. شديد مايوس آھي. پر هن جي اکين ۾ هڪ ڇڪ آھي ۽ ان ڇڪ ۾ هڪ سوال آھي ۽ اُن سوال ۾ هڪ اميد آھي ته منھنجي دادلي پٽ درياءَ جو وڪيل رسول بخش پليجو ضرور موٽي ايندو! ۽ هو سکر کان ڪراچي تائين، ڀٽ شاهه کان ڪراچي تائين ۽ ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين، پاڻي چور پنجاب جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ ۽ سنڌو جون موجون واپس موٽائڻ لاءِ وري پنهنجي ڀينرن کي هٿن ۾ بينر ڏئي لطيف سان واعدو ڪري ضرور موٽندو!

ها، لاڏٻائي جو لاڏلو پنھنجي سنڌ جي موڀيءَ پٽ لاءِ ضرور وڙھندو ۽ آئون وري جوان ٿي پوندس ۽ جرڪي پوندس…..

اي منھنجون بهادر ڌيئرو ۽ منھنجا دلير فرزندو!

 توهان هن جو ساٿ ضرور ڏجو…!

ها ضرور ڏجو…!