صدف ڪنول جي خوبصورتي جو راز ڇا آهي…؟

0
277

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره ۽ ماڊل صدف ڪنول مداحن کي پنهنجي خوبصورتي پٺيان لڪيل راز کان آگاهه ڪيو آهي، حال ئي صدف ڪنول پنهنجي مڙس شهروز سان گڏ نجي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ سرڪت ڪئي، جتي هن کان ميڪ اپ جي بغير خوبصورت ۽ شفاف چمڙي جي باري ۾ سوال ڪيو ويو، جنهن تي هن چيو ته مان پنهنجي چمڙي جو گهڻو خيال رکندي آهيان، ڪلينزنگ ۽ هر هفتي فيشل ڪندي آهيان، مان ڪنهن به قسم جو گهريلو ٽوٽڪو ناهيان آزمائيندي ۽ چهري تي موجود وائٽ هيڊز پاڻ ڪڍندي آهيان.