صدر ۽ وزيراعظم سوڌو سياسي قيادت جي دليپ ڪمار جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار

0
268

ڪراچي(م ڊ) ننڍي کنڊ جي عظيم اداڪار دليپ ڪمار جي لاڏاڻي تي صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان سوڌو ٻين سياسي اڳواڻن افسوس جو اظهار ڪيو آهي، صدر عارف علوي دليپ ڪمار جي لاڏاڻي افسوس جو اظها رڪندي چيو ته مرحوم بهترين اداڪار، هڪ عاجز انسان ۽ عظيم شخصيت هو، پاڪستاني صدر دليپ ڪمار جي وارثن ۽ چاهيندڙ سان تعزيت جو اظهار به ڪيو، وزيراعظم عمران ٽريجڊي ڪنگ جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته دليپ ڪمار جي وڇوڙي جي خبر ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو، شوڪت خان ميموريل ڪينسر اسپتال ۽ ريسرچ سنيٽر جي آغا جي وقت فنڊز گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ان جي فراخدلي کي ڪڏهن به نٿو ويساري سگهان، هي هڪ مشڪل وقت آهي، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف دليپ ڪمار جي وڇوڙي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پشاور جو يوسف خان بالي ووڊ ۾ دليپ ڪمار بڻجي فن جي آسمان تي سالن تائين ڇانيل رهيو ۽ اڄ ليجنڊ جي صورت دنيا ۾ رخصت ٿيو، شهباز شريف يوسف خان جي فني سفر کي فلمي دنيا جو يادگار ترين دور قرار ڏيندي چيو ته دليپ ڪمار جي پاڪ ڀارت لاڳاپن لاءِ ڪوششون ان جي امن پسندي جو مظهرو هيون، دعا آهي ته الله پاڪ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه عطا فرماءِ، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به دليپ ڪمار جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دليپ ڪمار فن ادڪاري جو هڪ دور ختم ٿيو، وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي تعزيتي پيغام چيو آهي ته دليپ ڪمار جو لاڏاڻو فلمي دنيا جي هڪ سنهري عهد جو ختم ٿيڻ آهي، ڀارتي فلم نگري ۾ يوسف خان بڻجي ويل دليپ ڪمار کي غير معمولي شهرت عروج تي پهچايو، جتي جتي اردو ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي دليپ ڪمار جو نالو دلين جي ڌڙڪن آهي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته دليپ ڪمار هڪ عهد ساز فنڪار هو، هن جو متبادل ممڪن نه آهي، پنهنجي ملاقاتن ۾ به مان دليپ ڪمار کي هڪ سحر انگيز شخصيت طور ڏٺو،پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته دليپ ڪمار جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته دليپ ڪمار ڪيترن ئي سالن تائين فلمن جي شوقينن جي دلين تي راڄ ڪندو ۽ پنهنجي اداڪاري جا اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن،پنجاب جي گورنر چوڌري سرور گلاسڪو مسجد جي دوري واري دليپ ڪمار سان گڏ تصوير شيئر ڪندي چيو ته فن جي لاءِ دليپ ڪمار جون خدمتن کي هميشه تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.