ڪيف(م ڊ) روسي جلاوطن اپوزيشن اڳواڻ اليا پانوماريف اڳڪٿي ڪئي آهي ته صدر ولاديمير پيوٽن کي هلندڙ سال آڪٽوبر تائين سندس ويجها ساٿي قتل ڪري ڇڏيندا. اليا پانوماريف روسي پارليامينٽ جو واحد اڳواڻ هو، جنهن 2014 ۾ روس طرفان يوڪريني علائقي ڪريميا تي حملي خلاف ووٽ ڏنو هو. اليا پانوماريف هن وقت يوڪرين ۾ رهي تحريڪ هلائي رهيو آهي. سندس مقصد روس کي جديد جمهوريت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اڳڪٿي ڪئي ته پيوٽن پنهنجي ايندڙ سالگرهه تي جيئرو نه هوندو، ناڪام حملي جي وڌندڙ ڳڻتيءَ سبب پيوٽن کي سندس سالگره کان اڳ قتل ڪيو ويندو. اليا پانوماريف جو خيال آهي ته پيوٽن کي عالمي عدالت ۾ جنگي ڏوهن جي ڪيس ۾ گهرائي سگهجي ٿو. هن خواهش ظاهر ڪئي ته مان به روسي صدر کي عالمي عدالت ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو پر مون کي لڳي ٿو ته ائين نه ٿيندو، ان کان اڳ ويجها ساٿي کيس قتل ڪري ڇڏيندا.