اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ سڌارن ۽ اختيارن جي استعمال بابت بل باضابطا قانون بڻجي ويو آهي، پر عملدرآمد ۾ عدالتي حڪم رنڊڪ آهي،  قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پرنٽنگ ڪارپوريشن کي گزيٽ نوٽيفڪيشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته بل منظوري جا سمورا مرحلا مڪمل ٿيڻ بعد قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل هاڻي قانون جي شڪل ۾ لاڳو ٿي ويو آهي، واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ان بل تي عمل روڪي ڇڏيو هو، صدر عارف علوي به ان بل کي ٻيو ڀيرو صحيح ڪرڻ کانسواءِ ئي واپس پارليامينٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪمنامي ۾ چيو هو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي 13 خلاف درخواستون ٻڌڻيون لاءِ مقرر ڪيون ويون، ايڪٽ بادي النظر ۾ عدليه جي آزادي ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت آهي، ان دوران عبوري حڪنمامو جاري ڪرڻ ضروري آهي، ايڪٽ خلاف ٻڌڻي 2 مئي تي ٿيندي، صدر علوي ايڪٽ تي صحيح نه ڪري يا نه ڪري ٻنهي صورتن ۾ اهو قانون لاڳو نه ٿيندو.  واضح رهي ته اهو بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور منظور ڪري صحيح لاءِ صدر کي اماڻيو ويو هو، صدر صحيح ڪرڻ بنا بل واپس اماڻيو هو، بل گڏيل پارليامينٽ ۾ منظور ڪري ٻيهر اماڻيو ويو ته به صدر صحيح کان انڪار ڪيو هو، بل تحت پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار هاڻ سپريم ڪورٽ جي 3 اهم ترين ججز وٽ هوندو، چيف جسٽس اڪيلو پاڻمرادو نوٽيس نه وٺي سگهندو، بينچز جي جوڙجڪ به ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي ۾ چيف جسٽس ۽ ٻه سينئر ترين ججز هوندا، ڪاميٽي جو فيصلو اڪثريتي راءِ سان ٿيندو، معاملو پهريان ڪاميٽي آڏو پيش ڪيو ويندو، بنيادي حقن سان سلهاڙيل عوامي اهميت جي معاملي تي 3 يا ان کان وڌيڪ ججز تي ٻڌل بينچ جوڙي ويندي، آئين ۽ قانون بابت ڪيسز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ججز تي بينچ ٻڌل هوندي، بينچ جي فيصلي جي 30 ڏينهن اندر اپيل داخل ڪري سگهبي، جيڪا 14 ڏينهن ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيندي، ٻڌڻي هيٺ ڪيسز ۾ به اپيل جو حق هوندو، نئين قانونسازي تحت نواز شريف کي پاڻمرادو نوٽيس ۾ مليل سزا خلاف اپيل جو حق ملي ويو، يوسف رضا گيلاني، جهانگير ترين ۽ ٻين کي به اپيل جو حق ملي ويو.