اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر مملڪت عارف علوي هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل ۽ نيب آرڊيننس ۾ ترميم جو بل صحيح ڪرڻ بنا واپس اماڻي ڇڏيا، ان باوجود آئين تحت ٻئي بل اڄ قانون بڻجي ويندا. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظور ڪري ايندڙ عام چونڊون اليڪرانڪ  ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي انٽرنيٽ ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ واري پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪيل قانونسازي ختم ڪري ڇڏي هئي، ٻنهي ايوانن نيب آرڊيننس ۾ ترميم جو بل به منظور ڪيو هيو جنهن ذريعي نيب چيئرمين جي مقرري جو طريقيڪار تبديل ڪرڻ سان گڏ نيب جا اختيار به گهٽ ڪيا ويا هئا، صدر علوي ٻنهي بلن تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪندي انهن بلن کي گڏيل پارليامينٽ ۾ غور لاءِ واپس اماڻيو هيو، جنهن بعد گڏيل پارليامينث ڄاڻايل ٻنهي بلن کي 9 جون تي  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو هو،  آئين جي آرٽيڪل 75 تحت گڏيل پارليامينٽ کي اماڻيل بل ٻيهر گڏيل پارليامينٽ پاران منظور ڪرڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن صدر انهن بلن تي 10 ڏينهن ۾ صحيح نه ڪري ته پوءِ اهي بل پاڻمرادو قانون بڻجي ويندا، گڏيل پارليامينٽ مان نيب ترميمي بل ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل 9 جون تي منظور ٿيو هو، 10 ڏينهن جي مدت ڪالهه ختم ٿي وئي آھي، ٻئي بل صدر جي بنا صحي جي اڄ سومر ڏينهن کان قانون بڻجي ويندا. ڪالھه ايوان صدر جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس مان منظور ٿيل مٿي ڄاڻايل ٻنهي بلن مان رڳو اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جي بل تي حصي ڪرڻ کان انڪار ڪندي ان کي واپس ڪري ڇڏيو آھي، صدر عارف علوي چيو آھي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊپار پاڪستانين جي ووٽ جي مامري سان ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان وابسطا رهيو آھيان، سمورين حڪومتن، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ان مامري جي پيروي ڪندو رهيو آهيان، آئين جي پاسداري ڪندو رهيو آھيان، اندازو آهي ته آئين پاڪستان تحت هن بل تي صحيح نه ڪرڻ باوجود اهو قانون جي صورت اختيار ڪري وٺندو، صدر طور گڏيل پارليامينٽ جي منظور ڪيل بل تي صحيح نه ڪرڻ مون لاءِ ذاتي طور هڪ تڪليف ڏيندڙ عمل آھي، ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجا دليل ۽ خيال قلم بند ڪرڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته منظور ڪيل اليڪشن ايڪٽ جي ترميمي بل جي نوعيت رجعت پسنداڻي آھي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ۾ تمام گهڻن مسئلن جو حل موجود آھي، جيڪي مسئلا روايتي طريقن سان درپيش اچن ٿا، ٽيڪنالاجي هميشه تڪراري ۽ چيلنج ٿيل چونڊ عمل ۾ شڪ، اختلاف ۽ الزامن کي گهٽ ڪري سگهي ٿي، ٽيڪنالاجي جو استمال چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻڻ ،چونڊ عمل ۾ سمنڊ پارپاڪستانين جي شرڪت، سياسي اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ ۾ مدگار ٿي سگهي ٿي، ٽيڪنالاجي آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن بابت اسان هن وقت تائين اڌوري بڻيل خواب کي پورو ڪري سگهي ٿي، جديد ۽ نئين سائنسي طريقن کي به استعمال ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن طرفان اعتماد ۽ شراڪت دارن جي وسيع تر شموليت کانسواءِ سڌارا ممڪن نه آھن، فيصلا سازن پاران عام فهم کي نظر انداز ڇو ڪيو ويو؟ اهو مون لاءِ هڪ ڳجھه رهندو، تاريخ شاهد آھي ته جيڪي قومون صحيح فيصلا ڪنديون آھن اهي ترقي جون منزلون طئه ڪنديون آھن. واضح رهي ته ٻئي بل قومي اسيمبلي 26 مئي ۽ سينيٽ 27 مئي تي منظور ڪيا هئا.